ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ضلع ڪائونسل ميمبر حاجي احمد علي آريسر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ تي سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ غلام حسين آريسر، ممتاز راڄڙ، عبدالستار چوپاڻ ۽ ٻين چيو ته حاجي احمد علي آريسر شريف ماڻهو آهي، جنهن کي بيگناهه قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، هنن چيو ته رضا سھتو جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي حقيقي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،