ڪيپ ٽائون(انٽريسٽنگ نيوز) 28 سالن جو فوٽوگرافر پيٽر مارٽن جيڪو قدرتي منظرن جو شوقين آهي هن ڏکڻ آفريڪا ۾ لينگولي ڍنڍ وٽ قائم پارڪ وائلڊر نيس نيشنل ۾ تصويرون ڪڍي رهيو هو، مارٽن ٻڌايو ته 2  بدڪون  ويجهو اچي ويون کين ايترو ويجهو کان ڏسڻ هڪ ناياب منظر هو سندن خوبصورتي کي ڪيميرا ۾ قيد ڪرڻ کان  رهي نه سگهيس، بدڪ پکي اوچتو دلڪش رقص ۾ مشغول ٿي ويا، پرن کي مٿي پنهنجو منهن مٿي ڪيو ۽ پنهنجي منڍي سان حرڪتون ڪري رهيا هئا، ان دوران ٻئي تيز تري به رهيا هئا. جيڪو هڪ بهترين منظر کي جنم ڏنو. فوٽوگرافر مارٽن ٻڌايو ته پکين جو رقص عروج تي ئي هو ته ٻنهي اوچتو هڪٻئي کي ٻوٽا پيش ڪيا جنهن تي مان دنگ رهجي ويس مون کي ته هڪ جادو ئي پل محسوس ٿيو ۽ ان کي ڪيميرا ۾ قيد ڪرڻ هڪ وڏو بونس هو جيڪو مون ڪري ورتو.