کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) ڍليار ڀرسان ڳوٺ محمد سچل بوزدار جي رھواسي نوجوان آيت الله بوزدار کي اڻڄاتل جوابدار ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش مارو فقير قبرستان وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال کپرو پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي پيءُ محمود بوزدار ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، ظالمن نوجوان پٽ کي قتل ڪري ظلم  ڪيو آھي، هن اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.