ڍئو جا خواب ۽ ساڀيائن جي دنيا

0
63
ڍئو جا خواب ۽ ساڀيائن جي دنيا

ان ڏينهن اليڪشن کٽي آيل اڪثر ميمبرن جي بنگلن تي برياني جون ديڳيون تيار ڪرايون ويون هيون. تيار ٿيل برياني جون پليٽون بنگلن جي خاص ڪمرن ۾ ميمبرن جي ويجهن ماڻھن کي کارايون پئي ويون. عام ماڻھو ڪامياب ميمبرن کي اجرڪون هار ۽ لُنگيون پارائيندا ميمبرن سان سيلفيون ڪڍائيندا سندن هٿ چمندا وڏي پيھ مان ٻاهر نڪرندا ٿي ويا. اهڙن ماڻھن ۾ اڪثريت انهن ماڻھن جي هئي، جيڪي اليڪشن دوران مخالف ميمبرن جي ورڪ ۾ جهمريون هڻندڙ ھئا. جڏھن سندن اميدوار اليڪشن ۾ ڊٺا ته هو يڪدم ڪامياب اميدوارن جي درن ڏانهن هارن ۽ اجرڪن جا تحفا کڻي ڊوڙون پائڻ ۾ لڳي ويا.

ماڻھو مطلب لئي، ڪن ٿا ڪوجها ڪم،

وڃائي حال شرم، اکيون پورين ٿا انڌا.

مون هڪ دفعو نه پر ڪيئي ڀيرا اهڙا ماڻھو ڏٺا آھن, جيڪي ايئن ڪندي شرم به محسوس نٿا ڪن.

                 ان ڏينهن جڏھن آئون هڪ چونڊيل ميمبر کي اجرڪ پارائي ٻاهر نڪري رهيو هوس ته صاحب جي بنگلي جي دروازي تي هڪ جپسي عورت ٽن معصوم ٻارڙن سان بيٺي هئي. بنگلي جي کليل دري مان ڀت جون ديڳيون ۽ هيٺ اوبر وارو هاريل ڀت به نظر اچي رهيو هو. ان بکايل عورت ۽ ٻارڙن جو نظرون ان ڀت تي هيون، پر ڪنهن به ماڻھو انهن کي اندر وڃڻ نٿي ڏنو. صاحب جي بنگلي ۾ هر ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻھو ان عورت ۽ ٻارڙن کي ڌڪا ۽ دڙڪا ٿي ڏنا. اها عورت بنگلي اندر وڃڻ لاءِ ڪوشش ڪري ڪري ساڻي ٿي پئي هئي ۽ هن کي اچي وچين جو ويلو پيو هو. بک هنن جي ساه ۾ اهڙي ته مٺ وڌي هئي، جهڙي جنڊ جي مٺئي ۾ عورت جنڊ پيهڻ دوران هٿ وجهندي آھي. بک ۾ ٻارڙن ۽ عورت جو چهرو زرد پئجي چڪو هو.

انساني زندگي جو سارو مدار کاڌي تي آھي، ڇاڪاڻ ته جسم جي سڀني عضون ۽ گهرڙن کي پنهنجا ڪم سر انجام ڏيڻ لاءِ توانائي جي ضرورت هوندي آھي. اها توانائي کاڌي مان حاصل ٿيندي آھي. ساهوارن کي بک لڳي ٿي. بک جو احساس کاڌي جي ضرورت مطابق ٿيندو آھي. سائنسي علم مطابق انساني دماغ ۾ هڪ بک مرڪز هوندو آھي. جڏهن جسم ۾ کاڌي جون شيون گهٽجي وڃن ٿيون ته بک مرڪز چرپر ۾ اچي ويندو آھي ۽ بک جو احساس ڏيارڻ لڳندو آھي ۽ دل کاڌي کائڻ لاءِ ماندي ٿيڻ لڳندي آھي. معدي ۽ آنڊن ۾ گرڙ گرڙ جا آواز ٿيڻ لڳندا آھن. جڏھن ماڻھو کاڌو کائي وٺندو آھي ته بک جو احساس ختم ٿي ويندو آھي. بک لڳڻ جو ٻيو ڪارڻ رت ۾ گلوڪوز جو مقدار گهٽجڻ به هوندو آھي. جڏھن جسم گرم هوندو آھي ته بک گهٽ لڳندي آھي ۽ جڏھن سردي وڌندي آھي ته بک به وڌيڪ لڳندي آھي. ان جو سبب اهو آھي ته سيءَ جي ڪري جسم کي ڪوساڻ قائم رکڻ لاءِ وڌيڪ توانائي جي ضرورت هوندي آھي، جيڪا توانائي کاڌي مان حاصل ٿيندي آھي.

اڄ به دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آھن، جن ۾ ماڻھو فاقاڪشي ڪن ٿا. اهڙن ملڪن ۾ ڏکڻ سوڊان، برونڊي، افغانستان، زمبابوي، ڪانگو، مرڪزي آفريڪا جمهوريه، لائيبيريا ۽ ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا. اسان ڀل ت پاڻ کي ترقي يافتا سڏائيندا هجون پر اسان وٽ ٽيھ سيڪڙي کان وڌيڪ ماڻھو ويلن جا ويلا بکيا رهن ٿا. هن وقت جڏھن آئون معاشي بدحالي تي لکي رهيو آھيان ته مون کي تاريخ مان هڪ واقعو ياد ٿو اچي. مرزا عيسي ترخان جي پٽ مرزا باقي کي جڏھن سندس ڀاءَ مرزا صالح اقتدار هٿ ڪرڻ کان پوءِ ڀڄائي ڪڍيو هو ته هن کي ڪڇ ڏانهن ويندي سفر ۾ بک لڳي. هن کي ايتري ته سخت بک لڳي جو هن سندس ساٿين کي چيو ته کائڻ لاء ڪا شئي آڻيو. سندس ساٿين وڏي ڪوشش ڪئي پر کائڻ جي ڪا شئي هٿ نه لڳي، مگر قاضي خميسو ڪتي جا اوباريل ڪچا چانور کڻي آيو، جن مٿان ڪتي جي قيء پڻ ڪيل هئي. مرزا باقي سندس ساٿين کي چيو ته ڳالھ ڪنهن سان نه ڪريو، يڪدم چانور ڌوئي کڻي اچي رڌيو ته کائون. اڳتي سفر ۾ وري کين بک لڳي. سندس ساٿي هڪ ٻڪري چوري ڪري کڻي آيا. پوءِ ان کي ڪهي پچائي کاڌائون. ٻڪري جو مالڪ سندس همراهن جي مدد سان پيرا کڻي ان جاءِ تي پهتو. مرزا ۽ سندس ساٿين کي پڪڙي قيد ڪري راڻي کنکهار وٽ وٺي آيو. راڻي کنگهار معافي وٺڻ تي کين بخش ڪري ڇڏيو ۽ ان دوران صاحب سمي نالي جاڙيجي سندس ڌيءَ جو سڱ مرزا باقي کي ڏنو، جنهن مان مرزا مظفر پيدا ٿيو.

بک ماڻھو کي ڏاڍو تنگ ڪري ٿي ماڻھو مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ خودڪشين جا واقعا پهرين بک پوءِ ذھني مونجهارن ۽ آخر ۾ عشق جي ناڪامين سبب ٿين ٿا. جاپاني شاعر ماتسو باشو Matsuo Basho به جڏھن بد حالي سبب زندگي کان تنگ ٿيو هو ته هو ڏکين رستن ۽ ويرانين ۾ نڪري پوندو هو. انهن ڏينهن ۾ يعني سترهين صدي ۾ جاپان ۾ ڪنهن ماڻھو جو ايئن نڪري پوڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هوندو هو. چورن ۽ ڌاڙيلن کان علاوه جهنگلي جانور به ماڻھو کي ماري وجهندا هئا. چون ٿا ته ماتسو باشو انهن ڏکين رستن تي سفر ڪندي چوندو هو ته ڀلي ڪو جانور مون کي ماري کائي وڃي. ماتسو باشو جاپاني شاعري هائڪو ڪري، دنيا ۾ مشهور آھي. هن 1664ع ۾ ٽوڪيو شھر ويجهو وهندڙ ندي سميدا  ڪناري هڪ جهوپڙي ۾ جنم ورتو ۽ 1694ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ پيٽ گذر خاطر ماستري به ڪيائين پر سندس گهر جا حالات ساڳيا ئي رهيا.

مون کي هڪ ٻي ياد ڪتڪتايون پائي رهي آھي. اسان جي ڳوٺ جي هڪ پوڙھي عورت جيڪا لنڪ روڊ جي ڪناري اڪثر  ڏينهن جو ڪاٺيون ميڙيندي نظر ايندي هئي، ڪجھ ڏينهن گذريا ته پوڙھي ان روڊ ڪناري نظر نٿي آئي. هڪ ڏينهن منهنجو ان ڳوٺ ۾ ان جي گهر وڃڻ ٿيو. ڏٺم ته سورج مکي جي ڪانن مان ٺھيل هڪ ننڍڙو گهرڙو جنهن ۾ مشڪل سان هڪ کٽ ئي رکي پيئي سگهجي، هوءَ پوڙھي ان گهر جي اندر پلال جي ڪکن تي وڇايل  ميري رلي مٿان ليٽيل هئي. هن  جي هڏڙن تي چم ڳري ويو هو. ڳوٺاڻي عورت جي سڏ تي هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ان عورت ٽيڪ ڏيئي کيس ويهاريو. هن پنهنجي روئداد ٻڌائيندي چيو ته ڪافي ڏينهن کان بيمار آھيان. هڪ بيماري، ٻي بک! نه ڪوئي علاج ڪرائڻ وارو، نه پڇڻ وارو ۽ نه ئي سار سنڀال لهڻ وارو. پوءِ ھھڙا حال ئي ٿيڻا آھن. هن ٻڌايو ته مون کي اولاد ۾ هڪ نياڻي هئي، جنهن جي شادي ڪرايم. ڪجھ سالن پڄاڻان ان جو گهر وارو گذاري ويو ۽ هوءَ مون سان گڏ هن گهر ۾ ڏکيا ڏينهن گذارڻ لڳي. ڪجھ مهينا ٿيا آھن ته هوءَ به گذاري ويئي. منهنجو گهر وارو ته ڪيئي سال اڳ گذاري ويو. هوءَ ايترو ڳالهائي خاموش ٿي ويئي. هن جي ڪنڌ جون نسون سيٽجي ٿي ويون ۽ سهڪي کيس ڳالهائڻ کان ڄڻ روڪي ٿي ڇڏيو. هن جا ڳالهائڻ دوران ڏڪندڙ ھٿ هيٺ ٿي ويا ۽ ڌڪڙيل آواز بيهي ويو. پوءِ هوءَ پوڙھي ٿورن ئي ڏينهن ۾ گذاري ويئي. سندس مرڻ کان پوءِ خبر پيئي ته ھن بيماري سان گڏ بک ۾ به دم ڏنو. سندس پاڙيوارن  ٻي ڏينهن  ڏٺو ته پوڙھي جو لاش گهر ۾ پيو آھي. پوڙھي جي بيماري جا پويان ٻه ڏينهن ڪير به ان جي جهوپڙي ۾ سار لهڻ نه ويو هو شايد! ڪيئن چئجي ته ڪو ڪيئن جيئڻو آھي ۽ ان جو موت ڪيئن ٿيڻو آھي.

آئون يادن جي  گهوڙي کي تيز ڊوڙائي ڪٿان کان ڪٿي پهتو آھيان. ٻيهر ان بنگلي جو رخ ٿو ڪريان، جتي هڪ پاسي طرحين طرحين  جا طعام ماڻھن کي کارايا پئي ويا ته ٻئي پاسي جپسي قبيلي جا ماڻھو اوبر واري ڀت لاءِ واجهائي رهيا هئا. پر کين ڪوبه ماڻھو ڀت جو گرهه ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. سوچيان ٿو ته هر نئين ايندڙ حڪومت اهڙن ماڻھن جي ماني جي گرهه جو بندوبست ڪري سگهندي يا بکايل ماڻھو سدائين بک ۾ ڍئو جا خواب ڏسندا رهندا.