ڌرتي جي شاعر امداد حسيني جون ساروڻيون

0
353
حب الوطني جو لازوال ڪردار مارئي

 سنڌ۾جديد سنڌي شاعري جو پنهنجو ھڪ وسيع ڪئنواس رھيو آهي. جديد سنڌي ادب ۾ جتي اياز جي شاعري جي ڇاپ رھي آهي ته اتي سنڌ ۾ جديد شاعري جي حوالي سان ٻين شاعرن جي شاعري پڻ پنهنجو مٽ پاڻ رھي آهي. جديد سنڌي ادب ۾جن تخليقڪارن پنهنجو مقام جوڙيو آهي، انهن۾ ھڪڙو نالو امداد حسيني جو پڻ آهي. جنهن جي شاعري ۽ نثر جا ھزارين نوجوان مداح رھيا آهن. ھي1998ع جي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسان اياز جا ڪتاب خريد ڪري پڙھندا ھئاسين ته ساڳي وقت اسان کي ٻين جديد سنڌي شاعرن جا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو پڻ ملندو ھو. انھن ڏينهن ۾ اسان امداد حسيني، راشد مورائي، حليم باغي، ايازگل، ادل سومرو جي شاعري جا مداح ھئاسين ۽ ھاسٽلن جي ڇتين تي انهن جي شاعري پنهنجي منهن پيا جھونگاريندا ھئاسين. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي يونيورسٽين جي ھاسٽلن تي صادق فقير ۽ پروفيسر اياز قادري ۽ ٻيا ڪلاڪار مھمان ٿيندا ھئا پوءِ ڪڏهن اسان صادق جي آواز ۾ ڪڏهن وري اسان پروفيسر اياز قادري جي آواز ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، راشد مورائي، حسن درس، ايازگل ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ٻڌندا ھئاسين. ھڪ ڀيرو صادق کان جڏهن امداد حسيني جي شاعري جي فرمائش ڪئي تڏھن ھن امداد جو ھي غزل نھايت خوبصورت انداز سان ڳايو ھو:

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو ھوا لڳايو آ.

 ايئن ھن امداد جا ٻيا ڪلام پڻ ڳايا ھيا انھن ۾ ڪجهه ھي ھئا

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي

 اڪيلا جي ٿيندا روئندا ته ھوندا.

يا

ھل ته ھلون ڪنهن مئڪدي ۾ ھلون

روئي روئي ڳل ڳراٽي پائجي

اڄ ھلي ان کي پرچائجي

اھڙي ريت صادق فقير جي معرفت منهنجو سائين امداد صاحب سان مکا ميلو ٿيو ھو. پوءِ امداد صاحب سان مختلف وقتن تي ڄامشورو ۾ڪچھريون ٿينديون رھيون. پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ ھن شاعر جي تخليقي اڏار کان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي. ھي سنڌي ٻولي جو اھو ٻھگڻو شاعر ھو جنهن وٽ خيالن جي گھرائي ۽ انفراديت ھوندي ھئي. يونيورسٽي واري ڏينهن ۾ حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ جتي ڪافي شاعرن اديبن سان ملاقاتون ٿينديون ھيون ته اتي وري امداد صاحب پنهنجي ڪچھرين ۾ اسان نوجوانن کي اتساھيندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسان کي دنيا جو ادب پڙهڻ گھرجي.  جيتوڻيڪ انھي جي سگھاري سڃاڻپ ھڪ شاعر طور ھئي پرسنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري نوڪري دوران گل ڦل ۽ مھراڻ رسالي جي ايڊيٽري واري وقت ۾ ھن سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجھه لاءِ پاڻ پتوڙيو. ھن جي خواهش پڻ ھئي ته سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ملي. ھو سگھارو شاعر ۽ بھترين ترجمي نگار پڻ ھو. ھن مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ سنڌ جو ھي ٻھگڻو شاعر مختلف وقتن تي ٻولي جي تحريڪن ۾، سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪن ۾ ھن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مختلف مشاعرن ۾ اسان ھن جي شاعري ٻڌندا ھئاسين. ھن جي شاعري پيش ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ھو. امداد جڏهن ھي سٽون پيش ڪندو ھو ته ھال ۾ ويٺل سندس مداح ڀرپور داد ڏيندا ھئا.

موتي ائين نه رول، تون موتي ائين نه رول

آءُ جھليان ٿو جھول، تون موتي ائين نه رول

ڇا لاءِ نيريءَ ڍنڍ ۾، ترندڙ ڪنول ٻڏن،

ڪجھه ٻول ڪجھه ته ٻول، تون موتي ائين نه رول

بازار ۾ هَٽَنِ تي خريدار سَڀُ سُڃا،

موتين جو مَٽُ نه مول، تون موتي ائين نه رول

تون ٻارَ وانگي روئي پَئِين ٿي، اي منهنجي دل،

مون وَٽِ شَئي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول

آواره بادلن جي پُٺيان ڪهڙو ڊوڙبو ؟

امداد آهي رول، تون موتي ائين نه رول

يا وري

جي تون چاهين

رات به تو سان رس ۾ آهي،

چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي.

سڀ ڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي.

ھن جي شاعري رومانس سان ڀرپور رھي آهي، پر هن جي شاعري ۾ مزاحمت جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. فني ۽ فڪري حوالي سان ھن جي شاعري تمام گهڻي سگھاري آهي. ھو فطرت جي رنگن جو عاشق ھو، ٿر تي جڏهن مينهن وسندا ھئا تڏهن ھو فون ڪري مون کان ٿر جي وسڪاري جا احوال پڇندو ھو. مينھن مند ۾ ھو چوندو ھو ته:

ھيل وسي جي وڏڦڙو

دل کولي مان ھوندرئان

امداد صاحب مختلف وقتن تي ٿر پڻ آيو ھو. ٿر جي فطرت سان ھن کي بي انتھا پيار ھوندو ھو. ٿر ۾ جڏهن مورن جي مرڻ ۽ ھرڻين جي شڪار جون خبرون ميڊيا تي اينديون ھيون ته ھو تمام گهڻو جذباتي ٿي پوندو ھو. گذريل سال آءٌ جڏهن ڪراچي آيو ھيس تڏهن گلشن اقبال واري پرل ريزيڊنسي تي ھن سان خوب ڪچھري ڪئي. ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچھري دوران ٿر جا وسڪارا ٿر جا مور ڪارونجھر موضوع رھيا.

ھيل ٿر تي جڏهن مينھن مند ھئي، وسڪارا جوڀن تي ھئا، ٺيڪ انهن ڏينهن ۾27 آگسٽ تي ڌرتي جو ھي شاعر وڇڙي ويو. سچ پڇو ڏک جي انهيَ ڪيفيت کي بيان ڪري نٿو سگھجي. امداد جا گيت امر آهن ۽ امر رھندا. امداد صاحب ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ سمھي پيو ۽ سنڌ ۾ ھن جا گيت ڳائبا رھبا.

سا ڪاش اسان جي سنڌ ھجي !

جِت پيار رڳو بس پيار ھجي

ھر دل باغ بھار ھجي

جِت سُونھَن ڀريو سنسار ھجي !

جت موج ڀريو مھراڻ ھجي

جِت ڌرتيَ سرتيَ کي پھريل

نِت ساوڪ جو پھراڻ ھجي

جِت محنت جو نِت مانُ ھجي

ھر پاسي امن امان ھجي

انسان جتي انسان ھجي

ھر ڏُک کان آجي جند ھجي

سا ڪاش اسان جي سنڌ ھجي.