ڌاريا نھ کپن: سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان 21 آگسٽ تي ڌاريا ڪڍو جي موضوع سان جلسي جو اعلان

0
172

سنڌ ايڪشن ڪميٽي 21 آگسٽ تي ڌاريا ڪڍو جي موضوع سان حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

ڄامشورو ۾ اهم اجلاس بعد جلال محمود شاهه، اياز لطيف پليجو، قادر مگسي ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ڌارين جي آبادڪاري ۽ موجودھ صورتحال بابت پنھنجي خدشن کان آگاھھ ڪيو

اڳواڻن افغانين سوڌو سمورن ڌارين کي جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو عوام لسانيت کان پاسو ڪري، بلال ڪاڪا جا قاتل پهرئين ڏينهن گرفتار ٿين ها ته اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها

اڳواڻن چيو تھ سموري معاملي ۾ پ پ ۽ سنڌ سرڪار کي رڳو افغانين جي ڳڻتي آهي، سنڌ واسي پُرامن آهن، پر ڌارين جو بار وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو

سنڌ ايڪشن  ڪميٽي سڄي سنڌ ۾ گرفتار ڪيل قومپرست ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي امن ۾ خلل وجھندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي