ڊگهڙي ڀرسان نامعلوم شخص بجلي جي پول تي چڙهي ويو، لهڻ لاءِ منٿون

0
256

ميرپورخاص (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ مير علي محمد ٽالپر ڀرسان نامعلوم شخص گذرندڙ بجلي جي هيوي وولٽيج پول جي چوٽي تي چڙھي ويو آھي سوين علائقي واسي پول تي همراهه کي چڙهيل ڏسي پوليس ۽ حيسڪو جي عملدارن کي اطلاع ڏنو، حيسڪو جي عملدارن جڏهن ته مٺي نئون ڪوٽ سميت ٿرواري عائقي کي بجلي جي فراهمي ڏيندڙ لائين جي سپلائي بند ڪرائي ڇڏي، همراھ کي بجلي جي پول تان هيٺ لهڻ لاءِ 2 ڪلاڪن کان منٿون ڪيون پيون وڃن پر همراھ لهڻ کان انڪاري آھي، جنهن سبب ڊگهڙي کان ٿرپارڪر کي بجلي فراهم ڪندڙ لائين بند ڪيل آھي.