ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان چنگچي رڪشا حادثي جو شڪار، خبر موجب بلوچ ڪالوني ڀرسان چنگچي رڪشا رم ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ارباب ڪلوئي، نوري ڪلوئي، نسرين ڪلوئي ۽ سردار ڪپري سخت زخمي ٿي پيا، ٻئي طرف تاج ڳوٺ ڀرسان چنگچي رڪشا اسٽرينگ ٽٽي پوڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مڪنو ڪولھي، مروان ڪولھي ۽ ھرچند ڪولھي زخمي ٿي پيا.