(ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان غلام شاھ ٿاڻي جي حد متارو لاڙي وٽ هٿياربندن ٽرڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. نه بيهڻ تي فائرنگ ڪري ٽرڪ جا ٽائر برسٽ ڪيا ويا، ٽرڪ تي فائرنگ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ڊرائيورن پاران سالار شاخ وٽ رتوديرو /جيڪب آباد انڊس هاءِ وي روڊ تي گاڏيون بيهاري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين رحيم سيال، عزيز الله سيال، نويدعلي، سڌير سيال ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 3 هٿياربندن اسان جي ٽرڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نه بيهارڻ تي ٽرڪ تي فائرنگ ڪري ٽرڪ جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا، غلام شاھ  پوليس ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي آهي. ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن. ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون نوٽيس وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري،