ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز تي حملو، 23 جوان شهيد، آپريشن ۾ 27 دهشتگرد به مارجي ويا

0
235

ڊيرا اسماعيل خان جي درا بن واري علائقي ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي عمارت سان بارودي سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ۽ عمارت اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو، جنهن دوران 23 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 6 دهشتگردن کي موقعي تي ئي ماريو ويو

آءِ ايس پي آر موجب ڊير اسماعيل خان ۾ 11 ۽ 12 ڊسمبر جي رات دهشتگردن جون سرگرميون ڏسڻ ۾ آيون، جنهن تي ڊي آءِ خان جي علائقي ڊرازنده ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 17 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب درازنده جي علائقي ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جا ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا، ڪلاچي ۾ ڳجهن اطلاعن تي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 بهادر جوان به شهيد ٿي ويا

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ۽ فورسز ۾ ويڙهه دوران مجموعي طور 23 جوان شهيد ۽ 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن

هن خبر جا وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن