ڊجيٽل مڪان، ميمز جي ثقافت ۽ سنڌي سماج جو جائزو

0
26
ڊجيٽل مڪان، ميمز جي ثقافت ۽ سنڌي سماج جو جائزو

 ھن وقت جڏھن توھان ھي مضمون پڙھي رھيا آھيو ته ڪٿي ڪو سنڌي نوجوان سندس فون جي فيس بُڪ سڪرين کي آڱوٺي سان مٿي ڪري ھيٺ ڪري رهيو آھي ۽ سندس سامھون سکر بئراج جي ڪريل گيٽ جي تصوير اچي ٿي، جنھن مٿان لکيل آھي، “جيڪڏھن سکر بئراج جو دروازو نٿو ملي ته في الحال رلي ٽنگيون ڀلا”.  ھو ڏند ڪڍي ٽھڪ ڏي ٿو. وري ٻئي لمحي اسڪرين کي مٿي ڪري ھيٺ ڪري ٿو ته ھن سامھون تصوير ۾ ٻه ماڻھو موٽر سائيڪل تي سوار آھن، جنھن مان ھڪ جي مٿي تي لوھي دروازو رکيل آھي. تصوير مٿان لکيل آھي، “سکر بئراج جو دروازو شڪارپور شھر ۾ ويلڊنگ لاءِ کڻي ويندي نظر اچي رھيو آھي”. آخر ۾ کلندڙ ٻوٿ ڏسي ھو وڏو ٽھڪ ڏئي ٿو. هي بظاهر بي ضرر مذاق صرف ڏند ڪڍي کلڻ کان وڌيڪ معنا رکو ٿو. اها هڪ meme آهي، هڪ ثقافتي رويو جيڪو ظاھر ڪري ٿو ته اسان پنهنجي آس پاس جي دنيا سان ڪھڙي ريت عمل ۾ اچون ٿا.

                 اڄ ڪلھ ميمز انٽرنيٽ تي مزاح جي باھ وانگر پکڙجي اسان جي زندگين کي ڪوس ڏئي، اسان جي عام زندگي تي اثر انداز ٿين ٿيون. پر ڇا اسان ڄاڻون ٿا ته meme ڇا ٿيندي آهي؟ رچرڊ ڊاڪنس مطابق، ميم ھڪ ثقافتي ايڪائي آھي، جيڪا ڪنھن خيال، رويي، يا انداز جي صورت ۾ ثقافتي طور هڪ شخص کان ٻي شخص تائين پکڙيل ھوندي آهي. ڊجيٽل دور ۾، ميمز اڪثر ڪري تصويرن يا وڊيوز جي صورت ۾ چٽن لفظن سان ماڻھن جي وڏي انگ سان مخاطب ٿي سندن زندگي بابت خيالن، روين ۽ انداز ۾ پنھنجو اظھار ڪن ٿيون.

ڊجيٽل مڪان اسان جي موجوده زندگي جو اھو اجتماعي مڪان آھي، جتي اهي ميمز وجود رکن ٿيون ۽ گردش ڪن ٿيون، ھن مڪان کي اسان “memescape” سڏيون ٿا.  اھو اجتماعي مڪان بنيادي طور تي اسان جي گفتگو جي انداز، خيالن جي ڏي وٺ ۽ روزمره جي پيچيده سماجي ۽ سياسي مسئلن ڏانھن رويي ۽ ھن سان عمل ۾ اچڻ جي انداز کي تبديل ڪري ٿو. ميم اسڪيپ، ھڪ اجتماعي مڪان، جي ڊانچي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي فرانسيسي فيلسوف گلس ڊيليوز ۽ فيلڪس گوٽاري، جي “rhizomatic” ڍانچي جي متن کي سمجھڻو پوندو. انھن مطابق “رائزوميٽڪ” هڪ بي ترتيب ڄار مثل ٿئي ٿو، جتي ڪيترا ئي بي ترتيب خيال اڀري سگهن ٿا ۽ ڪنهن به طرف پکڙجي سگهن ٿا.

رائزوميٽڪ ڍانچو ھڪ روايتي ڍانچي، جيڪو مٿان کان ھيٺ طرف خيالن جي ڏي وٺ طئي ڪري ٿو، تنھن جي برعڪس اھو ميم اسڪيپ جي صورت ۾ اُفقي طور تي ڦھلجي ٿو. سندس ڦھلاءُ معلومات جي وھڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ واري ڪنھن مرڪزي اختيار کان بغير ٿئي ٿو. ھن ڍانچي جي ھڪ خاصيت اھا آھي جو ھن ۾ حرڪت خانه بدوشي مثل ٿئي ٿي، جنھن ۾ ميمز مسلسل حرڪت ۾ هونديون آهن، تشڪيل ڪيون وڃن ٿيون، تبديل ٿين ٿيون ۽ جيئن جيئن اھي ھن ڍانچي ۾ وڌيڪ سفر ڪن ٿيون، تئين تئين سندن تشريح مختلف ڪئي وڃي ٿي. ھن ڍانچي جي ٻي خاصيت ھن ۾ موجود خيالن ۽ روين جي گھڻائي آھي. ميم اسڪيپ مختلف آوازن ۽ نقطه نظر کي گڏ ڪري ھڪ اھڙو مڪان تشڪيل ڪري ٿو، جتي ڪيتريون ئي حقيقتون بي ترتيب ڄار وانگر گڏ ٿي مسلسل پکڙجنديون رھن ٿيون.

اهي فلسفياڻا خيال شايد تجريدي نظر اچن، پر اهي ميمز جي طاقت کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، ڇو ته ميمز اسان جي ڊجيٽل ثقافت کي تشڪيل ڪري اسان جي روزمره جي زندگي جي مسئلن ڏانھن روين تي اثر انداز ٿين ٿيون. ميم اسڪيپ ۾ ڪو به شخص جيڪو سمارٽ فون ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي مدد سان مواد، گفتگو، خيال، رويي جو خالق بڻجي سگھي ٿو، اھو روايتي طاقت جي سرشتي کي چيلينج ڪري ٿو ۽ خاموش ڪيل خيالن کي آواز ڏئي ٿو.

ميمز اڄ جي نوجوانن لاءِ اظھار جو ھڪ اھڙو ذريعو بڻجي ويون آهن، جنھن جي پنھنجي ھڪ ٻولي، جماليات ۽ سٽاءُ آھي. اھي سماجي معيشت طور ڪم ڪن ٿيون، جنھن کي اسان ٺاھڻ ۽ ڦھلائڻ ۾ پنھنجي ڊجيٽل حيثيت جوڙڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون ٿا. جڳ مشھور آمريڪي ميڊيا اسڪالر هينري جينڪنز مطابق، “ميمز صرف مذاق نه آهن؛ اهي ماڻهن لاءِ هڪ طريقو آهن، جنھن ذريعي ھو ڊجيٽل دور ۾ پنھنجو تعلق ٺاهي پنھنجي شناخت جو اظھار ڪن ٿا”.

ھڪ طرف رابطي جو اھڙو طريقو جيڪو آسانيءَ سان ميمز ذريعي سنگين مسئلن کي نروار ڪري شاندار تحرڪ پيدا ڪري سگهي ٿو، جنھن جا سنڌ جي تاريخ ۾ ويجھا مثال اسان کي ناظم جوکئي جي قتل ۽ گبولن جي ڳوٺن سميت سنڌ جي زمين تي بحريه ۽ ٻين بلڊرن جي قبضي، يعني وڏيراشاھي ۽ ترقي جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف شاندار تحرڪ پيدا ڪيو. ٻي طرف ھن ساڳئي وقت سنڌ جي نوجوانن ۾ رُکائپ ۽ بي حسي جي ثقافت کي جنميو آهي. جڏهن پيچيده مسئلن جهڙوڪ ماحولياتي تبديلي، وسيلن جي لُٽ ڦر، ھاڻوڪي عوام دشمن بجيٽ يا سياسي ڪرپشن جھڙن ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تڏھن اڪثر اسان بامعنا عمل ۾ مشغول ٿيڻ بجاءِ آساني سان هڪ طنزيه ميم ۾ پنھنجو حصو وجھي مسئلن جي حساسيت طرف بي حسي ۽ رکائپ جو اظھار ڪري اھڙي ثقافت کي فروغ ڏيون ٿا، جنھن سان مسئلن جو حل ته پري جي ڳالھ، اسان ھنن تي سنجيده بحث کي به جنمڻ کان قاصر رھون ٿا.

اڄ ڪلھ اهو رجحان اسان جي سنڌي سماج ۾ تيزي سان ڦھلجي رھيو آهي. اھو سماج جيڪو اڃا تائين نوآبادياتي سرشتي جي ورثي سان جڙيل آهي ۽ پنهنجي منفرد ثقافتي سڃاڻپ کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. جتي ميمز سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ ۽ سماجي مسئلن تي تبصرو ڪرڻ جو هڪ نئون طريقو ڏنو آهي ته ٻي طرف اتي هن آن لائن مصروفيت حقيقي دنيا جي منظم سياسي سرگرميءَ جي جاءِ پڻ والاري آھي.

تازو ئي سکر بئراج جي دروازي جي ٽٽڻ واري معاملي تي ئي غور ڪريو. جيئن ئي ھي صورتحال نروار ٿي، ميمز اشتھارن کان تيزيءَ سان پکڙجي ويون. ڪجھ ماڻھن جو رايو ٿي سگھي ٿو ته اھڙو مزاح مسئلي سان تنقيدي طور مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ ٿو پر ساڳئي وقت اھو اسان کي مسئلن جي حل جي ذميداري کان پڻ آجو ڪري ٿو. اسان کي پاڻ کان پڇڻ گھرجي ته ڇا اسان ميمز ذريعي پنھنجي اجتماعي صدمي سان مقابلو ڪندي پنھنجي آس پاس جي حقيقي مصيبتن ڏانھن رکائپ جو رويو ته ناھيون ظاھر ڪري رھيا؟

ميم اسڪيپ جو اثر نه صرف اسان جي مقامي پسمنظر تي ٿيو آھي پر اھو ھڪ عالمي لقاءُ آھي. اسان کي ياد ھوندو ته ڪرونا وبا دوران ميمز لاڪ ڊائون، خوف ۽ مايوسي جي گڏيل تجربن جي اظھار لاءِ عالمي ٻولي جو ڪردار ادا ڪيو. اٽلي کان انڊيا تائين، ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلي کي ميمز ذريعي مزاحيه انداز ۾ ھڪ گڏيل تجربي طور ھضم ڪيو ويو. ھن اسان جي ثقافتي ۽ لساني رڪاوٽن کي اورانگهي بحراني ڪيفيت ۾ عالمي اتحاد جو احساس پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

اسان جي پُراڻ ۾ ڦاٿل سنڌي سماج ۽ سياسي تنظيمن جي غير فعال ھئڻ ۽ غير منظم تحرڪ جي زماني ۾ هي ڊجيٽل منظرنامو اسان کي منفرد چئلينج ۽ موقعا فراھم ڪري ٿو. هڪ طرف،memes  اسان جي ثقافت کي بچائڻ ۽ جشن لاءِ هڪ طاقتور اوزار مهيا ڪري ٿو، جنھن ذريعي سنڌ جو نوجوان ميمز وسيلي پنھنجي لوڪ ڏاهپ، روايتي موسيقي ۽ فن کي ملهائڻ ۽ سنڌي ٻولي کي ڊجيٽل مڪان ۾ زندھ رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. اھو رجحان پنھنجي ثقافت کي ڊجيٽل تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ عالمي سطح تي پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻئي طرف، محض آن لائن مصروفيت حقيقي دنيا ۾ سياسي عمل سان جڙڻ کان پري ڪري ٿو، جتي مسئلا جيئن جو تيئن وڌيڪ شدت سان ٻيھر ڀيانڪ روپ ۾ نمودار ٿي اسان جي زندگين تي اثر وجھن ٿا. جيتوڻيڪ بدعنواني، ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ ماحولياتي بگاڙ متعلق هڪ ميم شيئر ڪرڻ آسان آهي، پر ھن آن لائن ڪاوڙ کي روزمره جي زندگي ۾ بامعنا سياسي طاقت يا منظم تحرڪ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ منظم عزم جي ضرورت آهي، جيڪو اسان مان گھڻن کي مشڪل لڳي ٿو. اھڙي صورتحال ۾، اسان ڪيئن اڳتي وڌي سگھون ٿا؟ اسان ميم اسڪيپ جي طاقت کي روزمره جي حقيقي دنيا جي مسئلن سان اسان جي مزاحمتي ثقافتي پاڙن کي ڪيئن ڳنڍي برقرار رکي اسان پنھنجي مزاحمتي سگھ کي وڌائي سگهون ٿا؟

سڀ کان پهرين، اسان کي ڊجيٽل مڪان متعلق پنھنجي سمجھ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان کي آن لائن پليٽ فارمن جي طاقت ۽ حدن کي سمجھڻ جي تمام گھڻي ضرورت آھي. اسان جي نوجوانن کي ميم اسڪيپ ۾ ڦھلجندڙ مواد سان تنقيدي طور مشغول ٿيڻ سکڻ گهرجي، سطحي مزاح کان ٻاهر نڪري ھن جي گھرن اثرن کي سمجهڻ گھرجي. ٻيو، اسان کي نتقيدي آن لائن مواد تخليق ڪرڻ ۽ انکي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اھڙو مواد جيڪو مزاح سان گڏ ٺوس تنقيد ۽ مسئلي جي حل لاءِ تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ توازن رکي سگھي. ڇا اسان اھڙا ميمز نٿا ٺاهي سگھون، جيڪي ماڻهن کي کلڻ سان گڏ نئين انداز ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري سگھن؟ ڇا اسان ڊجيٽل مواد جي اُفقي پکيڙ کي صرف مذاق نه پر حل لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا؟

آخر ۾، اسان کي پنهنجي انساني جوهر سان ٻيهر ڳنڍڻ گهرجي ۽ پنھنجي حقن لاءِ حقيقي ميدان ۾ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. اسان کي اھو ياد رکڻ گھرجي ته ٻوڏ متعلق ھر ميم جي پويان هڪ خاندان آهي، جيڪو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي. سياسي بدعنواني، ڪرپشن ۽ وسيلن جي نيلامي تي ميمز ۾ ڪيل مذاق جي پويان هڪ اهڙو نظام هوندو آهي، جيڪو عوام کي سندن قانوني ۽ اخلاقي حق ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ويو آهي. تنھنڪري اسان کي آسان آن لائن مصروفيت تائين پاڻ کي محدود ڪري پنھنجي حقيقي دنيا جي مصيبتن ڏانهن بي حس ۽ رُکائپ واري رويي کان بچڻ گھرجي.

ميم اسڪيپ، ڳالھ ٻولھ جي ڪنھن ٻي ذريعي وانگر نه ته فطري طور تي مڪمل سٺو ھوندو آھي، جو اسان لاهي پائي صرف ان ۾ ئي لڳي وڃون، نه ئي ڪو مڪمل خراب آھي جو اسان ھمعصر دور ۾ سڌي ريت ان جي اھميت کي رد ڪري ڇڏيون. ان جو مثبت اثر اسان جي استعمال ڪرڻ جي چونڊ تي انحصار رکي ٿو. جيئن ثقافتي سماجي نقاد اسٽارٽ هال اسان کي ياد ڏياري ٿو ته، “ميڊيا نه رڳو خيالن کي ڦھلائڻ جو طاقتور ذريعو آهي، پر اھو هڪ اھڙو مڪان آھي، جتي اهي خيال بيانيي جي شڪل اختيار ڪن ٿا، روين جو حصو ٿي جيئڻ جي انداز کي تبديل ڪن ٿا ۽ اسان جي حقيقي ثقافت (جيڪا رُکائپ ۽ بي حسي به ٿي سگھي ٿي ته حقيقي مسئلن تي منظم سياسي جدوجهد به ٿي سگھي) جي وضاحت ڪن ٿا. هن نئين ڊجيٽل منظرنامي ۾، اسان کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي صلاح کي ٻيھر زندگي جو حصو ٺاھڻو پوندو، جڏھن ھو چئي ٿو ته “پيرُ پروڙي کڻ ته ھلڻ ۾ ھوري وھين”.

اچو ته memescape کي حقيقت کان فرار جي طور نه پر پنھنجي زندگي ۽ قومي طبقاتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ گھرائي ۽ سمجھ سان استعمال ڪريون. اچو ته کلون، پر کلڻ سان گڏ سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ٺوس صورتحال جو ٺوس تجزيو ڪري ھن سان سياسي عمل ذريعي پنھنجي مزاحمتي ثقافت کي ٻيھر اجاگر ڪريون. ڇاڪاڻ ته آخري نتيجي ۾، اسان جون ميمز نه، پر اسان جو حقيقي سياسي عمل ئي اسان جي مصيبتن ۾ سٽيل زندگي کي نئين معنا ڏئي سگھي ٿو.

اچو ته طئي ڪريون ته اسان ميم اسڪيپ کي اھڙي ريت تشڪيل ڪريون، ته اهو اسان جي مزاحمتي ثقافت جي بهترين عڪاسي ڪري، اسان جي ڏاهپ ۽ اسان جي غير متزلزل جذبي سان اسان جي ھر روز جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي سياسي سمجھ ۽ عمل جي طاقت بخشي ته جيئن اسان حقيقي مسئلن کي حل ڪري ھن ڊجيٽل ثقافت کي نئون رُخ ڏئي پنھنجن وسيلن جي مالڪي لاءِ حقيقي سياسي جدوجهد کي سماجي ميدان ۾ منظم ڪري سگھون.