ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جون يادگيريون

0
41
ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جون يادگيريون

 يادن جي وهڪري لوڙھي اڄ بلڙي شاهه ڪريم جي ان گهٽيءَ ۾ آندو، جيڪا گهٽي بازار مان درگاهه ڏانهن وڃي ٿي. جنهن ئي گهٽيءَ جي ڇيڙي تي 7 اپريل جي ڏينهن ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي جنازي نماز ٿي هئي. اها سوڙھي گهٽي بازار مان نڪري اڳيان وڃي درگاه جي قريب ڪشادي ٿئي ٿي, ان ئي گهٽيءَ جي اوڀر طرف وڏا قديم وڻ آھن. انهن وڻن لڳ گهٽيءَ جي اڀرندي ڪناري کان هڪ مٿانهين هنڌ تي هڪ ڪچي اوطاق ياد ٿي اچي، جيڪا ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي هوندي هئي، جنهن ۾ کٽون، ڪرسيون ۽ ٻه الماريون ڪتابن سان سٿيل پيل هونديون هيون. هڪڙو پٽ پنکو هوندو هو. ٽيبل جي مٿان اجرڪ چادر طور وڇايل هوندي هئي. اوطاق جي اندرئين دروازي تي ڪاٺ جي تختيءَ تي لکيل هوندو هو: “محمد ابراهيم سنڌي”. اوطاق جي ڪمري ۾ ابراهيم سنڌي جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ فوٽو ڪاٺ جي فريم ۾ قيد لڳل هوندو هو. مهنجي ساڻس پهرين ملاقات ڪڏھن ٿي، ياد نه آھي، پر ايترو ياد اٿم ته جڏھن آئون هن سان پهريون دفعو مليو هوس ته هن جا وار چٽڙا ٿي ويا هئا. هو ان وقت ساڳئي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندو هو، جنهن وقت سيد دلشاد علي شاه جهڙا جهونا استاد به ساڳئي اسڪول ۾ پڙھائيندا هئا. ان عرصي دوران هن جو نوجوان ڀاءُ گذاري ويو. آئون هن جي ڳوٺ هن سان ڏک ونڊڻ ويو هوس، جيڪو ڳوٺڙو هڪ واهه جي ڪناري هو. اتي ڪچي اوطاق ۾ تڏو وڇايل هو. واهه جي ڪناري کان نمن ۽ ٻٻرن جا گهاٽا وڻ ھئا، جن تي پکين ٻوليون ٿي ٻوليون. گهاٽن وڻن ۾ پکين جا آکيرا به هئا، جن ۾ پکي آنا لاهي ٻچا ڦوڙيندا هئا. پوئين دفعي آئون تڏھن ويو هوس، جڏهن پاڻ حج تان موٽيا هئا. ان وقت واهه کي کانٽي جي بهاني وڻ وڍائي پکين جا آکيرا ختم ڪرايا ويا هئا. پکي الائي ڪيڏانھن اڏامي هليا ويا. پکي، جانور، انسان سڀ هن سنسار ۾ ڪجھ عرصو رهي اڻ ڄاتل لوءِ لڏي ٿا وڃن، جنهن لوءِ جي پهرين ڪائي خبر ناهي ھوندي. مون پهريون دفعو زندگي کي بهار جي ٻپهري وانگي تڏھن محسوس ڪيو هو، جڏھن منهنجو ڀاءُ جمن، مامون نورمحمد ۽ سئوٽ ھاشم گهران ٽھڪ ڏيندي شھر لاءِ نڪتا هئا. ويرم ئي ڪانه گذري ته سندن رتو رت لاش گهر پهتا هئا. هو ٽيئي ڄڻان ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويا هئا. پوءِ ته مون پرجوش جيئڻ جو آسرو ئي پلي ڇڏيو هو. ٻين جو مرڻ ڏسي ماڻهن جي پنهنجي حالت به مئلن جهڙي ٿي وڃي ٿي. جڏھن هو پاڻ سنڀالي هن محسوساتي عالم ۾ موٽن ٿا، تڏھن گهڻو ڪجھ وسري وڃي ٿو ۽ وري جنهن پل هنن کي ٻين جو موت ياد پوي ٿو ته هو زندگي تان آسرو پلي ٿا ڇڏين. جيئن بهار ٻپهري گذريندي دير نٿي ڪري، ايئن زندگي به گذرندي دير نٿي ڪري. مون کي هڪ پراڻي دوست موسيٰ ملڪاڻي هڪ هڪ دفعي چيو هو ته جيڪا به زندگي ملي آھي، اها مسرت سان گذارجي. باقي غم ۽ درد ۾ گهارڻ ويتر مشڪل هوندو آھي. موسيٰ ان وقت گلاس مٿان گلاس ڏوڪي رهيو هو. رات جي پهرئين پهر ۾ تڏ جي ٻولڻ جو آواز اچي رهيو هو، جيڪو آواز وقت گذرڻ سان ويتر تيز ٿيندي ٿي ويو. ان وقت مون کي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙھيل مصر جي شاعر بربط نواز جو هي گيت ياد آيو:

اڄ جي رات عيش ۽ طرب ۾ گذار

بهترين ۽ فرحت ڏيندڙ خوشبوئن جو مزو وٺ

مهو جا گل ۽ ڪنول جا هار

پنهنجي محبوب جي ڳچي ۽ ٻانهن ۾ سجاءِ

۽ نغما ٻڌ، ساز ٻڌ

ھي وقت خوشي ۽ شادماني ۾ بسر ڪر

سوچ وهم ۽ ويچار کي ڀڄائي ڪڍ

رڳو خوشين کي ڌيان ۾ رک

ماڻھو اهي وڇوڙا ۽ ڏک ڪيئن ٿو وساري سگهي، جيڪي هن کي تکي ڪاتيءَ وانگي هيئين ۾ ٽنبجي ويندا آھن ۽ پوءِ حساس ماڻھو دل ڀري روئي ته ڏيندو آھي، پر کلي نه سگهندو آھي. ماڻھو تيستائين کلندو آھي، جيستائين ان کي درد جو نانگ نٿو ڏنگي. جڏھن کان ماڻھوءَ کي دنيا جا ڏنل زخم پيا چڪندا آھن، تڏھن کان ماڻھو زندگي جو فرار پيو ڳوليندو آھي. منير احمد ماڻڪ، علاما آءِ آءِ  قاضي، عرفان مهدي جهڙن ماڻھن شايد زندگي کان فرار ۾ خودڪشي چونڊي هئي.

آئون زندگي جي ڏکائين، تنهائين، عشقن ۽ شوق جي ذڪر کي ڇڏي ٻيهر شاه ڪريم جو رخ ٿو ڪريان. شاه ڪريم ۾ ڪيترائي دوست هوندا هئا، جيڪي ادبي ذوق رکندڙ هئا، جن ۾ نيازمند بلڙائي، عبدالله ميمڻ, عثمان پنهور، ساگر ميمڻ، دلدار مگسي، راجا رند، سومار سمون ۽ ابراهيم سنڌي. ابراهيم سنڌي اڳيان هلي اها اوطاق وڪڻي درگاه جي اولھ طرف پلاٽ وٺي پڪي اوطاق ٺھرائي. پوءِ وري ان اوطاق تي ادبي ميلا متل رهندا هئا. سندس جنم 5 نومبر 1953ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. ھو 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن انٽر گورنمنٽ سجاول ڪاليج مان، بي اي 1986ع ۾ ۽ ايم.اي 1988ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار” جي عنوان تي 2009ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. لطيفيات ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم سندس خاص مشغلو هو. 85-1984ع ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ مان سندس سرپرستيءَ ۾ “بسنت پبليڪيشن” نالي رسالو جاري ٿيو. ساڳئي ئي شھر مان 1993ع ڌاري “ڪوڪ” جي نالي سان رسالو پڻ جاري ٿيو، جنھن جو پاڻ سرپرست رهيو. جيڪي ٻئي رسالا اڳيان هلي بند ٿي ويا. پاڻ مارئي تنظيم طرفان “شاهه، سچل ۽ سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس” (دهلي) ۾ سنڌ جي اديبن جي وفد سان گڏ هندستان جي سفر تي به ويو هو. اتان موٽي 2014ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: “ٽنڊي محمد خان ضلعي جو سماجي اڀياس” (درجو ٽيون. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو 2006ع)، “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار”، (لطيفيات: 2011ع)، “اندر تون اجار” (لطيفيات: 2017ع)، “راحت القلوب” (ترجمو: 2015ع)، “انيس العاشقين” (مولانا محمد نورنگ زادي جو حج جو سفرنامو) اچي وڃن ٿا. سندس ڪجھ اڻ ڇپيل ڪتاب به موجود آھن، جن ۾ شاهه جي ڪلام ۾ حيوانات، جمادات ۽ نباتات جو ذڪر “ڪا جا روح رهاڻ” ۽ “رولاڪ راهون” (آتم ڪٿا) اچي وڃن ٿا. مون کي سندس آتم ڪٿا جو مسودو ڏنو هئائين ته جيئن آئون ان کي ڏسان. مون ان مسودي کي ڏسي کيس واپس ڪيو. چيائين ته هاڻي هي مسودو ڪنهن کي ڏجي ته ڇپجي. مون چيو ته سائين پبلشرن کان ويٺو پناه گهر. پئسا وٺندا پورا، پوءِ پيا ناز نخرا ڪندا. چيائين ته بابا آئون رٽائر ماڻھو آھيان. گهر جو، اوطاق جو خرچ ۽ ٻيا ڪئين خرچ آھن. ڪتاب ڪيئن ڇپرائجي؟ پاڻ ۽ نيازمند بلڙائي ڪڏھن ڪڏھن ڪٿان موٽندي يا ڪيڏانھن ويندي مون وٽ ايندا هئا. پاڻ هاڻي هن فاني جهان ۾ نه رهيو آھي. هن کي ساري مون کي غالب جو شعر ياد ٿو اچي:

الاهي ميري لبون پر يه ڪس ڪا نام آتا هي

ڪه ميري نطق ني بوسي ميري زبان ڪي لئي