ڊاڪٽر قادر نواز جو پراسرار موت: جاچ ڪميٽي قائم

0
326

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪشمور ۾ ڊاڪٽر قادر نواز جي پراسرار نموني فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڊي جي هيلٿ ٽن سينئر ڊاڪٽرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جن ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايم ايس کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ڪميٽي کي ڪشمور وڃي ڊاڪٽر جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪري ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.