ڪراچي/قاضي احمد (نمائندن وٽان) صحافت جي دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي چوٿين ورسي ڪراچي ۽ قاضي احمد ۾ ملهائي وئي، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ روزاني عوامي آواز آفيس ۾ ورسي جي تقريب ٿي جنهن کي حميده گهانگرو، جاويد بوزدار، عبد الله سروهي، مدثر سنگراسي ۽ ٻين خطاب ڪندي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي صحافت لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو، بعد ۾ خيرات جي ماني پڻ تقسيم ڪئي وئي، هوڏانهن پريس ڪلب قاضي احمد ۾ ورسي جي تقريب ڪورونا سبب سادگي سان ملھائي وئي، جنھن ۾ حاجي نبن شاهه لڪياري، عبدالغفور راجپوت، عبدالمومن جوڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هنن چيو ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪيتريون ئي خوبيون رکندڙ انسان هو، شاگردي واري دور کان هڪ نظرياتي ڪردار جو مالڪ رھيو، هنن چيو ته هو سياسي سماجي توڙي مذھبي سرگرمين ۾ سدائين اڳڀرو رهيو، هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سرگرمين کانپوءِ عوامي آواز سان صحافت جو آغاز ڪيو ۽ هو مئنيجنگ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون.