ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام،179.5 رپين تي پهچي ويو، سون 124000 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 350 رپين جي واڌ سان 123650 مان 124000 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 1460 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 35 پئسن جي واڌ سان 178.15 مان 179.5 رپين تي پهتو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 70 پئسا واڌ سان 177.15 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن ڏيڍ رپيو واڌ سان پائونڊ 235.5 مان 237 ۽ يورو 199.5 مان 201 رپين تي پهتا