ٽنڊوالھيار /عثمان شاهه هڙي (نمائندن وٽان) ٽنڊوالھيارلڳ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، ٻنھي ڌرين پاران تر جي معززين ۽ ٻنهي برادري جي ماڻهن نبيري ۾ وڏي انگ شرڪت ڪئي،  ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿي ويل گورنر مڱريو جي قتل جو نبيرو ڊاسوڙي لڳ ڳوٺ عبدالجبار ٿيٻو ۾ ٿي گذريو، نبيري ۾ مڱريا برادري طرفان عبدالسلام ٿيٻو، مولا بخش ٿيٻو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ وسيم لطيف مڱريو امين ٿي ويٺا، جڏهن ته  جاويد شاھ جي ڌر طرفان رئيس عباس مري ۽ سيد حبدارعلي شاھ مين ٿي ويٺا، مارجي ويل نوجوان گورنر مڱريو ۽ زميندار جاويد شاھ ۾ خوني تڪرار ھلندڙ ھو، فيصلي دوران جاويد شاھ جي  ڌر ڏوھي ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور 43 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن ۾ مقتول گورنر مڱريو جا 31 لک رپيا، جھيڙي دوران زخمي ٿيندڙ عورت مسمات گل بانو مڱريو جا 7 لک رپيا، زخمي ھمير مڱريو جا 2 لک رپيا، معمولي زخمي عورت نازيه بيبي ۽ شاھ خاتون کي ڏيڍ، ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ  ادا ڪيو ويندو، جيڪو ڏوھي ڌر جاويد شاھ جلد ادا ڪندو، جڏهن ته مڱريا ڌر پاران ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس تان هٿ کنيو ويندو، فتويٰ بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، آخر ۾ دعا گهري وئي.