ڇا ٿاڻا ۽ عدالتون بند ڪري ڇڏجن؟

0
16
ڦٽين جي آبادگارن سان نا انصافي: سنڌ حڪومت مداخلت ڪري!

سنڌ ۾ امان جي حالت بنهه خراب آهي، جنهن جي سنگيني کي محسوس ڪندي صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت ۾ سکر ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ڪچي ۽ صوبي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. صدر آصف علي زرداري چيو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڪچي جي ڌاڙيلن کي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي ۽ جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث پيشه ور ڏوهاري آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي هن اهو پڻ چيو ته ڪچي جي علائقن جي قبيلائي سردارن تي ٻڌل قومي جرڳو ڪوٺايو وڃي، جيڪو امن امان، سيڪيورٽي صورتحال بهتر ڪرڻ ۽ مقامي برادرين سان ڳالهيون ڪري. قومي جرڳو ڏوهن کي روڪڻ، علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو. گڏجاڻي ۾ صدر مملڪت کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس ۽ رينجرز جي اثرائتي حڪمت عملي جي ڪري سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهن ۽ تشدد ۾ گھٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو آهي. بريفنگ ۾ آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ گھٽتائي ٿي آهي.

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتري ڏانهن وڌي نه سگهي آهي. اڌ درجن اتريان ضلعا ڏوهارين کي ڄڻ ته مقاطعي تي مليل هجن. قانون جي عملداري نه آهي. اغوا انڊسٽري عروج تي آهي. قبيلائي دهشتگرديءَ کي ڪو انت اچي نه سگهيو آهي. صدر مملڪت کي سندس پارٽيءَ جي حڪومتي راوين “سڀ سک چين” ٻڌايو آهي ۽ ڏوهه گھٽجڻ جي خبر ڏني آهي پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. سنڌ خير جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. ماڻهو بنا ڪنهن طبقاتي فرق جي اغوا ڪيا پيا وڃن ۽ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي ڀُنگ ڀرڻ جي حيثيت نٿا رکن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ڌاڙيل گردي ۽ قبيلائي دهشتگرديءَ جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن تي نفسياتي ۽ اعصابي جنگ مڙهي وئي آهي. سنڌ ۾ قانون ڄڻ ته موڪل تي هليو ويو آهي. اميد اها هئي ته صدر صاحب رياستي قانون جي عملداري تي زور ڀريندو پر ان به سردارن کان مدد طلب ڪئي ۽ اها ڳالهه ڳجهي نه رهي آهي ته اڪثر سردار قانون شڪني ۾ ملوث آهن. حد ته اها آهي ته جرڳائي سردارن جي قانون  کان به وڌيڪ اهميت آهي. اسان سمجهون ٿا ته رياستي قانون جي عملداري ئي سنڌ ۾ امن جو سج اڀاري سگهي ٿي. سنڌ ۾ سردارن کان مدد طلب ڪرڻ سان امن ڪيئن موٽي ايندو. اهو ته ساڳيو ئي فارمولو آهي جيئن چور کي چوڪيدار بنائي ڇڏجي. سنڌ جي امن امان کان وٺي سمورا معاملا سردارن جي هٿن ۾ ڏنا ويندا ته پوءِ رياستي قانون جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

صدر صاحب ڏوهارين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ڌاڙيل ڪي ننڍا ڏوهاري ته نه آهن؟ قبيلائي جھيڙا وڏي تعداد ۾ خونريزي جو سبب بڻيل آهن. جيئن ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جون اسڪيمون آهن، اهڙي نموني ڏوهارين کي اڇو ڪري اهي سردار معافي ڏيارڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن سردار ئي سڀ ڪجهه آهن ته پوءِ ٿاڻا ۽ عدالتون بند ڪري ڇڏجن؟ سنڌ کي سرداري نظام جي ڀوتارڪي آڪٽوپس مان آجو ڪرائڻ جي ضرورت آهي پر صدر مملڪت جي فيصلي سان سنڌ ان ۾ وڌيڪ وڪوڙجي ويندي. اسان کي اها خبر ناهي ته صدر مملڪت سکر واري گڏجاڻي ۾ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ به ڪي هدايتون جاري ڪيون يا وري اهو معاملو به سندس نظرن کان پري رهيو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ رياستي قانون جي عملداري قائم ڪئي وڃي. جھيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار ڪيو وڃي. قبيلائي جھيڙن کي هُشي ۽ هٿيارن سان وڌائيندڙ ڀوتارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي. ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين تائين هٿيارن جي پهچ پوليس ۽ سردارن جي ذريعي ٿيڻ ۾ هاڻي ڪو ابهام ناهي رهيو، ڇو ته جيڪب آباد مان هٿيار پڪڙجڻ کانپوءِ اها ڳالهه لوڪ کان لڪل نه آهي.