ڇا عوام حڪومت کان سوال نه ڪري؟

0
153
ڇا عوام حڪومت کان سوال نه ڪري؟

 عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ جڏهن پ پ پ جي چيئرمين ۽ وزير خارجه بلاول ڀٽو تقرير ڪرڻ جي لاءِ اٿيو ته شريڪ ماڻهن مان ڪيترن ئي مطالبو ڪندي نعرا هنيا ته “ ايم اين اي علي وزير کي آزاد ڪيو” روايتي انداز سان پ پ پ جي چيئرمين پهريان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ جواب ڏيندي چيائين ته “ اهو مطالبو انهن کان ڪيو جيڪي آزاد ڪري سگھن ٿا” ٻئي ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن صرف ايترو اعتراف ڪيو ته نعري بازيءَ تي پنهنجو جواب نامناسب هو ، ان کان بهتر جواب ڏيڻ گھرجي ها ، سياست ۽ نعري بازي وقت سوچڻ گھرجي… دل آزاري ڪنهن جي ٿي اڻ پورو جواب يا چڙ ۽ غصي ۾ اظهار ڪنهن ڪيو اسان جي نوجوان سياستدان ان وقت جيڪو چيو اهو نه رڳو ريڪارڊ ٿيو پر سڀني ٻڌو جنهن مان هي پيغام واضح ۽ چٽو مليو ته حڪومت کان سواءِ هن رياست جي اندر ٻي اهڙي طاقت آهي جنهن جي آڏو حڪومت به بيوس بڻجي ٿي وڃي

هن ئي حڪومت جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ان وقت جي وزير اعظم عمران خان جي خلاف آندي تڏهن اهوئي باندي بڻيل علي وزير اسيمبلي ووٽ ڏيڻ آيو هو جڏهن علي وزير جي ووٽ جي شديد ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي ته کيس آندو ويندو آهي پر هر دور جي حڪومت علي وزير جي گرفتاري ۽ آزادي تي آئي بائي ڪندي اهوئي محسوس ڪرائيندي آهي ته ان جو گرفتار ڪرڻ ۾ ڪو خاص ڪردار ناهي ۽ نه وري علي وزير کي آزاد ڪرڻ جي ۽ ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي سگهھ حڪومت وٽ موجود آ. گذريل عمران خان جي حڪومت ۾ به اهڙائي جواب ٻڌڻ ۾ آيا ۽ هن وقت به اهي ئي جواب ٿوري تبديلي سان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ها جيڪڏهن ڪو فرق آهي اهو هي ته اسان جو نوجوان پ پ پ چيئرمين جذبات ۾ اچي اهو چئي ويو جيڪو کيس چوڻ نه گھربو يعني ان اڻ سڌي طرح نه سڌي طرح پنهنجا پاند آجا ڪندي ۽ ٻين تي اهو بار ڦٽي ڪيو بعد ۾ ان ڪانفرنس ۾ وزير اعظم کان وٺي وزيرن تائين مقررن جي موقف تي معذرت خواهن انداز ۾ جواب ۾ اهوئي دهرايو ويو آهي ته جيڪا تنقيد ادارن تي ڪئي وئي اها نامناسب هئي ادارن ۽ فردن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري تنقيد ڪئي وڃي،

ٻين لفظن ۾ ته ادارن کي ڪنهن به صورت ۾ تنقيد جو نشانو نه بڻائڻ گھرجي. هن رياست جي اندر هر دور جي حڪومت جو لب و لهجو اهوئي هوندو آهي ۽ اپوزيشن جو لب ولهجو به تقريبن اهوئي هوندو آهي ته هو پنهنجي تنقيد ۾ فردن سان گڏوگڏ ادارن تي کي به نشانو بڻائي ويندا آهن، هاڻي انهيءَ جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ڇو ته وقت گذرڻ سان اظهار جي جرئت وڌي ٿي. مسلسل ٽڪراءُ خوف کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انهيءَ کان علاوه وقتن به وقتن تضاد ماٺي ٿيڻ جي بجاءِ شدت سان گھرا ٿي رهيا آهن پر هتي سوال بنيادي هي آهي ته وقت جي حڪومت پنهنجو پاڻ کي حڪومت ڪندي ڪيئن ڪمزور چئي ٿي سگھي؟ ڇا واقعي حڪومتون ايتريون ڪمزور هونديون آهن يا ڪمزوري جو دليل ڏيندي هر حڪومت پاڻ کي عوام جي نظرن ۾ انصاف پسند ۽ مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي اهڙو مظلوم جيڪو طاقتور هجڻ جي باوجود ڪجھه نه ڪري سگھي. هر حڪمران هن رياست جي اندر هٽڻ کان پوءِ پنهنجي سخت ۽ تلخ فيصلن يا غير جمهوري حڪمن،عملن جو ملبو هٽڻ کان پوءِ رياست جي ٻئي طاقت جنهن کي اسٽيبلشمينٽ چيو ٿو وڃي انهيءَ تي ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر جڏهن کانئن اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته اوهان جيڪڏهن ڪمزور هئا ته پوءِ توهان حڪومت ۾ ڇو رهيو؟

هن 75 سالن جي تاريخ ۾ جيڪي به سولين حڪومتون آيون آهن انهن پنهنجي دور حڪومت ۾جيڪي به فيصلا به ڪيا انهن جي  سڌي ريت پنهنجي مٿان جوابداري کڻڻ جي بجاءِ پنهنجي مجبوري جا عذر ڏيندي ڪڏهن به ايئن ناهي چيو ته هنن حڪومت نه ٿي ڪرڻ چاهي يا استعيفيٰ  ڏيڻ ٿي چاهي پر کين زبر دستي حڪومت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ مزيدار حقيقت هي به اسان جي اڳيان آهي ته اهي مجبور ۽ مظلوم پنهنجو پاڻ کي چوندڙ حڪمران سڀ جو سڀ وري بار بار حڪومت ڪرڻ جي لاءِ پهريان کان به وڌيڪ ڪمزور کان ڪمزور پوزيشن تي اقتدار وٺڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کان اڳرا نظر ايندا آهن. يعني هو حڪومت ۾ رهن ته پوءِ پس پردا طاقت جيئن وڻي تيئن ڪري عوام تي ڪهڙو ۽ ڪيترو به بار پئي اهو عالمي دٻاءُ هجي ، دهشتگردي جي جنگ هجي عوام تي برا ۽ بدتر ٽيڪس هجن سڀ ڪجھه برداشت ڪيو ويندو پر ان جي جوابداري کڻڻ جي بجاءِ صرف اهوئي چيو ويندو ته اقتدار ملي. ويجھڙائي ۾ پاڻ کي انقلابي چوندڙ نواز شريف اقتدار جي وڃڻ کان پوءِ اهوئي چيو هو ته“ تاريخ جون قربانيون ڪنهن نه ڪنهن سياستدان کي ته ڏيڻيون آهن انهيءَ جي لاءِ مان ۽ منهنجو خاندان تيار آهي اسان قرباني ڏئي تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي سرخرو ڪنداسين” ساڳيائي لفظ ۽ جملا اقتدار ملڻ کان پهريان عمران خان چوندو هو ته“مان ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه هلندس .

جيڪڏهن مون کي مجبور ڪيو ويو ته مان ان مجبور ڪندڙ کي هٽائي ڇڏيندس يا پاڻ استعفيٰ ڏيندس.” اقتدار ملڻ کان پوءِ پاڻ جيڪو ڪجھه ڏٺو اهوئي ته وقت جي گذرڻ سان سياستدان ڪمپرومائيز جي ترقي ۾ وڌيڪ ترقي ٿا ڪندا وڃن ۽ هاڻي ته منٿون ميڙون ڪري ۽ پبلڪلي دٻاءُ وجھي ان ئي طاقت کي چيو ٿو وڃي ته سندن مدد ڪئي وڃي نه ته انقلاب آڻي ڇڏينداسين ، اسان کي هي به عجيب ڏسڻ ۾ اچي پيو ته نواز شريف پنهنجو درديلو انٽرويو ڏيندي پنهنجي جيل جو ڏک ڌيءَ جي گرفتاري ۽ پنهنجي گھرواري ڪلثوم نواز جي موت جو ذڪر ڪندي هي  چيو “جيڪو ڪجھه مون سان ٿيو آهي انهيءَ جو حساب ته ڏيڻو ئي پوندو.” پر مسنگ پرسن جي لاءِ سڀ جو سڀ پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ کان سواءِ انهن جي خاندان جي دردن ۽ قانوني ناانصافين تي اهڙي انداز سان يا ڪمال همدردي جي ڪيفيتي اظهار ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن ناهي چيو ويو ته انهن جو حساب به لازمي ڏيڻو پوندو. حڪمران طبقي جو اهو ڪمال مظلوميت جو آرٽ اسان کي هر حڪمران جي چهري جي ڪيفيت مان چٽيءَ طرح رڳو محسوس  ٿئي نه پيو پر هاڻي عوام اهو پوري طرح سان سمجھي چڪو آهي ته هي حڪومت ڪندڙ ٽولا جيترو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بي اختيار يا مظلوم سڏين ٿا حقيقت جي اندر اهي ايترا ڪمزور ۽ مظلوم ناهن. دنيا جي اندر ڪمزور ۽ مظلوم جي وضاحت سادن لفظن ۾ اها آهي ته جيڪو چاهڻ جي باوجود نه ڪري سگھي اهو ڪمزور آهي جنهن تي ظلم ٿئي ٿو اهو مظلوم آهي هي حڪمران ٽولا يا سياسي اڳواڻ ان وقت انتهائي خطرناڪ نظر ايندا آهن جڏهن انهن جي پنهنجي اقتداري مفادن جو سوال هوندو آهي تڏهن هي ڪنهن کي به ناهن بخشيندا نه ڪنهن فرد کي نه ڪنهن اداري کي ، پر جڏهن حصو پاڻي ملي ٿو تڏهن هو مسڪرائيندا هڪ ٻئي جي ڪنن ۾اهو چوندا آهن ته “ اسان جو ڪم ٿي ويو ٻين سان اسان جو ڇا.” تڏهن عوام انهن جي لاءِ ٻيو بڻجي ويندو آهي ۽ عوام جڏهن ان ٽولن جي حڪومت کي اقتدار ۾ کانئن ڪو سوال يا ڪو حق گھري ٿو ته اهو روايتي يوٽرن اختيار ڪندي چوندا آهن ته اسان بي اختيار آهيون انهن کي چئو جن وٽ اختيار آهي ،

هاڻي حڪمران ٽولن عوام کي اهڙي قسم جا جواب ڏيڻ جو هڪ معمول بڻائي ڇڏيو آهي عوام نه انهن کان بک جي لاءِ پڇي نه بري حڪمراني لاءِ پڇا ڪري نه مهانگائي جي لاءِ. جواب سڀني جي کيسن ۾ پيا آهن ڪي جواب ماضيءَ جي کاتي ۾ وجھندا ڪي حال جون مجبوريون ۽ آخر  ۾ حڪومت ۾ هوندي ڪمزور ۽ بي اختيار، مون کي اهو سمجھه ۾ نٿو اچي ته عاصمه جهانگيرڪانفرنس ۾ حڪومت ڌر تنقيدن جا جواب جي ڏيڻ چاهي ته انهن جي نقطه نظر مطابق “ بهتر جواب ” ڪهڙا هئا جيڪي هو ڏئي ٿي سگھيا. ڇا هو اهو چئي ٿي سگھيا ته هي جيڪو ڪجھه آهي انهيءَ جي ذميواري اسان وٺون ٿا يا اهو جواب ڏيڻ جي جرئت ڪري ٿي سگھيا ته جيڪو ٿئي ٿو اهو ٺيڪ آهي بهتر جواب ڪهڙو هو. اهو جيڪڏهن ڪانفرنس ۾ بلاول صاحب نه ڏئي سگھيو ته هاڻي ئي ڏئي ڇڏي ته گھٽ ۾ گھٽ انهن ماڻهن کي خبر پئجي وڃي جيڪي اميدن جي سهارن تي سفر پيا ڪن ته بلاول ۽ حڪومت ڪنهن جي طرف آهي. پر بهتر ته اهوئي ٿيندو ته هي سڀئي حڪمران کليل طريقي سان ئي اعلان ڪري ڇڏين ته انهن کان ڪو به اهڙو سوال نه ڪيو وڃي جنهن جو هو جواب ڏيڻ نٿا چاهين بلڪه هن سڄي حڪمران ٽولن کي هڪ معاهدو ڪري هڪ ميثاق ئي جواب ٺاهڻ گھرجي ته اسان کان نه پڇو اسان جوابن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۾ ناهيون آيا.