ڇاڇرو: شادي شده ناري جو کوھه مان لاش هٿ

0
247
ڇاڇرو: شادي شده ناري

ڇاڇرو (رپورٽر) ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ ڌوڙ گڍڙو ۾ شادي شده ناري جو کوھه مان لاش هٿ آيو، ساهرن موجب، 22ورهين جي مومل زال گيانچند ميگھواڙ آپگهات ڪيو آهي

جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي، ناري ڪهڙي ڪارڻ آپگهات ڪيو آهي، جاچ هلندڙ آهي، کينسر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کوھ مان ڪڍرائي اسپتال پهچايو