ڇانئجي وئي …!!

0
34
ڇانئجي وئي …!!

 اڄ جڏهن اسان ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ مقبوليت ماڻيندڙ روزاني ‘پنهنجي اخبار’ ڪراچي جي پنجين ۽ مقبول سيٽلائيٽ چينل ‘ٽائيم نيوز’ جي چوٿين سالگرھ ملهائي رهيا آهيون. مان سمجهان ٿو ته اهو هڪ ناممڪن ڪم هيو جنهن کي علي قاضي پنهنجي سڌير سوچ ۽ کاهوڙي  صحافتي ٽيم سان ممڪن بڻائي ڏيکاريو. جتي ڪرونا سبب دنيا بند ٿي رهي هئي، معاشي بدحاليءَ سبب وڏيون وڏيون اخبار  سرڪيوليشن جي گھٽجڻ سبب مالي گھوٽالي جو شڪار ٿي رهيون هيون ۽ آخري وک کڻندڙ اخبارون بند ٿيندي ڏٺيون. اتي علي قاضي جي اخبار ۽ چينل وڏي رسڪ کڻي کلي رهيو هو. ملڪ، دنيا جون هي اهي گھڙيون هيون جتي وڏا وڏا سرمائيدار به مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيا ۽ قاضي صاحب الله جي آسري تي ادارا کولي عوام لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيو هو.

هن اداري جي جنم وارن ڏهاڙن تي مان اڄ تائين سوچيندو آهيان جنهن تي  اعتبار ئي ناهي ايندو. اسان جا اڪثر صحافي دوست به جڏهن انهن حالتن ۾ اداري جي اجراءَ تي، اڄ جڏهن سوچيندا آهن ته دنگ رهجي ويندا آهن. آخر هي سڀ ڪجهه ڇا هو ۽ ڪيئن ممڪن ٿيو. ياد پيم ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ ليکڪ مولائي ملاح، اختر بلوچ ۽ ٻين دوستن سان ويٺي اهي بحث ٻڌي رهيو هيم ته: هي ادارو هنن حالتن ۾ فعال نه ٿي سگھندو. تمام جلد ويهي بند ٿي ويندو. جيڪي دوست ٻين ادارن کي ڇڏي آيا آهن اهي به بيروزگار ٿي ويندا. هي سخت معاشي گھوٽالي جا ڏهاڙا آهن. اهو ڪيئن ممڪن آهي جڏهن وڏن وڏن پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيائي ادارن جا وڌندڙ مهانگائي سبب آهستي آهستي پويان پير آهن ۽ ڪيتريون ئي اخبارون ڊمي ٿي پي ڊي ايف تي اچڻ لڳيون آهن. ٻئي پاسي جتي سوشل ميڊيا به پنهنجي عروج ڏانهن سفر ڪندي هجي، اهڙي صورتحال ۾ هڪ نئين اداري جو قيام ۽ وري اهو به بلڪل جلد ئي ڪاميابي جي بلند ترين سطح تي پهچي وڃڻ جي دعوا اهو ڪيئن ممڪن آهي. اهو ڪو معجزه ئي ٿي سگهي ٿو.

جهڙي ريت سينئر صحافي ۽ نامور تجزيانگار علي قاضي جڏهن پنهنجي هٿن سان ٺاهيل هڪ سابق اداري کي ڇڏي، 22 ڊسمبر 2018 تي شام جو 5 وڳي، ’پنهنجي اخبار‘ جي ڊجيٽل پليٽ فارم جو آغاز ڪيو ته سڀني کان واھ واھ  نڪري وئي. ڪجهه وقت کانپوءِ وري جو پيپر تي پرنٽ ٿي آئي ته دوست دنگ رهجي ويا. اداس عوام جي ڪيفيت به هن شعر جهڙي ٿي پئي:

تنهنجي آئي زندگي محسوس ٿي،

ٻاٽ ۾ ڄڻ روشني محسوس  ٿي،

سڀ جڏهن مون آزمائي هن ڏٺا،

مون کي تنهنجي دوستي محسوس ٿي.

اسان ته ان جي ڪاميابي جو اندازو تڏهن ئي لڳائي ورتو هو، جڏهن پنهنجي اخبار جي ويب سائٽ جي شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ تي هڪ تصوير نظر مان گذري، جيڪا اداري جي هڪ دوست فيصل عزيز پنهنجي فيس بڪ تي شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ وچ تي علي صاحب جي وڏي تصوير سان گڏ پاسي سان نامور سينئر صحافين سهيل سانگي، اعجاز منگي، اشفاق آذر، جاويد بوزدار، سترام مهيشوري، فيض کوسو، دودو چانڊيو، ممتاز بخاري، نثار کوکر، زوهيب سومرو ۽ ٻين سينئر اداري جي دوستن جون به تصويرون لڳل هيون. ساکائتي ٽيم ڏسي سمجھي وياسين ته ڪاميابيءَ جو ستارو اڀ تي چمڪي رهيو آهي. اسان کي اها به پڪ هئي ته علي قاضي هميشه جيان هن ڀيري به ضرور ڪامياب ويندو، پر ڪجھه دوستن پنهنجا غير معياري تجزيا ڪري چيو ته، علي قاضي وري صحافتي مورچو ئي ڇڏي ويندو، پر جڏهن علي صاحب جي ٺاهيل نئين اداري بلڪل مختصر وقت ۾ ڪاميابي جي بلند ترين سطح تي پهچڻ شروع ڪيو ته انهن فيسبڪي دانشورن جا سڀئي تجزيا غلط  ثابت ٿيندا ويا، نيٺ  انهن کي مڃڻو پئجي ويو ته علي علي آ.

انتهائي شاندار قسم جي 24 ڪلاڪ اپڊيٽ ٿيندڙ ويب سائيٽ جڏهن هلڻ شروع ٿي ته ان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.اسان جي ان پيج جو مقابلو نه فقط پرنٽ ميڊيا پر اليڪٽرانڪ ميڊيا سان به هو.ان دوران اتفاقاً اسان کي نيٽ ورڪ سبب نيوز موڪلڻ ۾ ٿوري به دير ٿي ويندي هئي ته اسان پنهنجو خير نه سمجھندا هئاسين. وري جڏهن اها نيوز ڪنهن سيٽلائيٽ چينل تي هلي وڃي ته … روزاني ‘پنهنجي اخبار’ جي ان ويب سائيٽ ايترو ته ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، جو پرنٽ ميڊيا جا تقريباً ادارا روزاني ‘پنهنجي اخبار’ جي ان ويب سائيٽ کي ڏينهن ۾ ٻه چار ڀيرا ضرور نظر مان ڪڍندا هئا. مطلب ته هر ڏسا کان جنگ جو ميدان هيو.انهيءَ پيج جي شاندار ڪاميابي بعد، سڀني جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون، جڏهن روزاني ‘پنهنجي اخبار ’ پرنٽ ٿي اسان  عوام جي  اُجرن هٿن ۾ آئي. جنهن کي ڏسڻ سان نيڻ ٺري ۽ سارا ٿڪ لهي پيا. يقيناً اها علي قاضي ۽ سندس کاهوڙي ٽيم جي ڪاميابي ئي هئي، جن جي مسلسل جدوجهد جي بدولت سنڌ واسين کي اهڙي محبوب اخبار هٿن ۾ پڙهڻ لاء ملي، جيڪا سندن درد جو درمان بڻي.

اها روزاني‘پنهنجي اخبار’ ڏسندي ئي ڏسندي ڪجھه وقت اندر سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ سرڪيوليشن جو اعزاز رکندڙ اخبار بڻي. روزاني ‘پنهنجي اخبار’  ۾ جڏهن حسن مجتبى، سهيل سانگي، اعجاز منگي، مولائي ملاح، نصير ميمڻ، مدد علي سنڌي، شهاب اوستو، عزيز سولنگي، ارباب نيڪ محمد، فاروق سومرو ۽ ذوالفقار گراماڻي توڙي سنڌ جي ٻين سينئر صحافين، ادبين، شاعرن، ليکڪن، دانشورن، محققن، قانوندانن ۽ ساڃهه وندن لکڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي سٿ جي سمورن ساٿين جڏهن مختلف اسٽوريون ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون لڳايون ته ، پوءِ روزاني ‘پنهنجي اخبار ’ جي هاڪ  ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان ڪينجھر تائين گونجڻ لڳي.

جس هجي علي قاضي کي جنهن سنڌ واسين جي ڀرپور آواز کي تدارڪ لاءِ  اعلى ايوانن ۽ وس وارن اختيارين تائين پهچائڻ لاء هڪ بهترين سيٽلائٽ چينل جو تحفو به روزاني ‘پنهنجي اخبار’ ڪراچي جي پهرين سالگرھ تي سنڌ واسين کي ڏنو. سيٽلائٽ چينل آڻڻ ڪا سولي ڳالھه ناهي، پر هن انقلابي شخصيت اهو سيٽلائٽ چينل اهڙين حالتن ۾ آڻي ڏيکاريو، جتي دنيا بند پئي ٿئي اتي علي قاضي پنهنجو نئون سيٽلائٽ چينل کولي رهيو هو.

اهو خوبصورت چينل جڏهن ‘ڪووڊ 19’ _ ڪورونا وائرس وبا جي حالتن ۾ کلي ويو ۽ سنڌ واسين جو ڀرپور آواز به بڻجڻ ۾ وسان نه گهٽايو، ته سنڌ واسين به ‘ٽائيم نيوز’  کي پنهنجي دلين ۾ جايون ڏئي کوڙ ساريون دعائن سان کيس سنڌي ميڊيا جي سڀ کان وڏي نيوز چينل جو اعزاز ڏياري ڇڏيو.انهن ڏهاڙن ۾ ڪير به پنهنجي گهر کان ٻاهر نه پيو نڪري، نه وري ڪير ڪنهن سان هٿ ملائڻ پيو پسند ڪري، ڇاڪاڻ ته وائرس سبب پوري دنيا ۾ موت جو راڪاس لامارا ڏئي رهيو هو.مان سمجهان ٿو اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ ڪنهن اداري جو جنم ۽ وري اهو به تمام جلد ڪامياب ٿيڻ ته ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو.

جڏهن هر ڪوئي خوف جو شڪار هو، پر انهيءَ دوران علي صاحب ۽ ڊيسڪ جا سمورا دوست توڙي روزاني ‘پنهنجي اخبار ’ ۽ ‘ٽائيم نيوز’ جا سمورا رپورٽر پنهنجون حياتيون داء تي لڳائي انهن سنگين حالتن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور  نموني ڪيس وڙهي سگھارو آواز بڻيا. اسان ڀلا اهي ڏينهن ڪيئن ٿا وساري سگهون جڏهن برسات سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي، تڏهن به اسان جي سموري ٽيم پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا  ڪري رهي هئي. سخت سرديون هجن يا لڱ ساڙيندڙ گرميون، برساتون هجن يا عالمي وبا ڪورونا وائرس، ماڪڙ هجي يا ٻوڏ، ڪو حادثو هجي يا واقعو پر روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم انهن حالتن ۾ وڌ کان وڌ ڪوريج ڪرڻ لاء وسان ناهي گهٽايو. جنهنجو اتهاس گواهه آهي.

روزاني ‘پنهنجي اخبار’ جي ڊجيٽل پليٽ فارم، روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل بعد اسان جي اداري اردو انٽرٽينمنٽ چينل ‘من ٽي وي’به شروع ڪيو، جيڪو خيرن سان پنهنجي ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻي رهيو آهي. اڄ جڏهن اسان روزاني ‘پنهنجي اخبار’ جي پنجين ۽ ‘ٽائيم نيوز’  چينل جي ڪاميابي جا چار سال مڪمل ڪري ورتا آهن ته ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن جا سگهارا آواز بڻجندڙ هي ادارا شل ترقي جون سڀئي منزلون آسانيءَ سان ماڻيندا رهن.

صحافتي دنيا ۾ علي قاضي اها ڪرشماتي، ادارا ساز شخصيت آهي، جنهن صحافت جي دنيا ۾ حيران ڪندڙ تجربا ڪري صحافتي دنيا جا رخ موڙي ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. شال! جڳ جڳ جيئي ۽ وڏي ڄمار ماڻي. ديس جي مظلوم عوام ۽ سٿ جي سمورن ساٿين کي سالگره جون مبارڪون.