چڪ (ن پ ا) لکي غلام شاهه ۾ ٿيل فوتگي ۾ شرڪت بعد ڳوٺ ناپر طرف ويندڙ 2 ڄڻن ڪراچي واسي مهمان عمر راجپوت ۽ ڳوٺ ناپر واسي حمزه راجپوت کي چئن هٿياربندن قاسم ڳوٺ پوليس پڪٽ ويجهو وٽان اغوا ڪري ويا، حمزه راجپوت ڌاڙيلن وٽان ڀڄي چڪ ٿاڻي تي پهچي پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس ساٿي کي اغوا ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن، مغوي جي وارثن ۽ پوليس پيرا کنيا، جيڪي حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي جي ڳوٺ ڀرسان گم ٿي ويا. مغوي جي وارثن چڪ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پوليس نوجوان جو پتو لڳائڻ بجاءِ ڇڙٻون ڏئي موٽائي ڇڏيو آهي.هوڏانهن ايس ايچ او چڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هٿياربند سم شاخ وٽان موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، هڪ ڄڻو حمزه علي راجپوت ڌاڙيلن وٽان فرار ٿي ڳوٺ پهتو، مغوي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ٻئي مهمان ٿي آيل نوجوان جي اغوا ٿيڻ تي لکي غلام شاھ ۽ ناپر ڳوٺ ۾ مغوي جي وارثن ۾ غم ۽ ڳڻتي واري لهر ڇائنجي ويئي آھي.