چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عبدالواحد واسي نوجوان جي اغوا مامري تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر نه آئي موٽاڻي  ڪرسي  ڌرين وچ فائرنگ پورهيت قتل هڪ نينگري زخمي علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ڌرين پاران راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا ويا مقتول نوجوان جو لاش لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ويو تفصيل موجب چڪ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عبدالواحد موٽاڻي مان اغوا ٿيل نوجوان عامر علي  جي اغوا مامري تان پيدا ٿيل موٽاڻي ۽ ڪرسي ڌرين ڇڪتاڻ ۾ جتوئي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل سوار نوجوان علي حيدر عرف بروهي موٽاڻي مٿان فائرنگ ڪري کيس شديد زخمي ڪري وڌو زخمي نوجوان اسپتال پهچڻ کان اڳ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو نوجوان علي حيدر عرف بروهي موٽاڻي جي قتل بعد ڌرين وچ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن ۾ ڳوٺ اسلام ڪٻري واسي نينگر 10 ورهن جي واجده زخمي ٿي پئي ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي راڪيٽ لانچر جا گولا پڻ فائر ڪيا ويا ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو مقتول نوجوان علي حيدر عرف بروهي موٽاڻي جو مڙھ لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش ڳوٺ عبدالواحد پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ويو نوجوان علي حيدر عرف بروهي موٽاڻي جي جنازي نماز هٿياربند جي پهري هيٺ ادا ڪئي وئي ياد رهي ته ٽي مهينا اڳ چڪ لڳ بچل ڀيو ٿاڻي جي حد مان 2 ڄڻن عامر علي ۽ فريد احمد موٽاڻي کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن مان پوليس هڪ مهينو اڳ فريد مهر کي ڳڙهي تيغو واري علائقي مان مبينا مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي هئي ٻيو نوجوان بازياب نه ٿيو جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي.