بيجنگ: (دلچسپ نيوز) چين ۾ عجيب وغريب مرض ۾ ورتل شخص 30 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو سڌو بيهي هلڻ جي قابل ٿي ويو. 46 ساله لائي هوا هڪ مرض اينڪلوزنگ اسپوٽڊي لائٽس جو شڪار هو ۽ ان جو ڌڙ اڳيان طرفان ايترو مڙي چڪو هو جو ان جو چهرو رانن سان اچي لڳو هو.جنهن کان پوءِ ان جو هڪ ڊگهو آپريشن ڪرڻ کان پوءَ ان جي چيلهه کي سڌو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هن هلڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي. 10 سالن جي عمر ۾ هو هڪ ناياب بيماري اينڪلوزنگ اسپوٽڊي لائنس ۾ مبتلا ٿي آهستي آهستي اڳيان جي طرف جهڪڻ لڳو ۽ ايستائين جو هڪ ڳٺڙي جي صورت اختيار ڪري ويو هو کيس چين ۾ ويڙهيل ماڻهو يا فولڊنگ جي نالي سان سڏيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ان جو چهرو هر وقت ان جي اڳيان وارين رانن سان مليل هوندو هو.غربت جو شڪار لائي هوا مهانگو علاج ڪرائڻ کان قاصر هو پر ان جون خبرون مشهور ٿيون ته شينزن يونيورسٽي جنرل اسپتال ۾ هڏين ۽ ڍانچي جي ماهر پروفيسر ٽائوهيويرن ان جي علاج جو ارادو ڪيو. ڊاڪٽرن موجب هي هڪ ڏکيو آپريشن هو. پروفيسر تائو موجب ضروري هو ته پهريان هڏين کي ڀڳو وڃي جنهن کان پوءِ اسان ان جي ڪرنگهي جي هڏين چيلهه جا ڪجهه حصا ۽ ان جي ران جي هڏين کي ڀڳو ان کان پوءِ ڪرنگهي جي هڏين جو پورو نظام سڌو ڪيو ويو.ان عمل ۾ خطري جي شرح 20 کان 30 سيڪڙو هئي ۽ سڄي زندگي جي لاءِ معذور هجڻ جا امڪان به تمام گهڻو هئا. اهڙا مريض گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو مٿو مٿي ڪري سگهيا ٿي پر لائي هوا ان کان به محروم هو جنهن کان پوءِ آپريشن وڌيڪ مشڪل ٿي ويو هو اهڙي طرح ان جو چهرو ران سان لڳل هو ڄاڙي ڇاتي سان لڳي رهي هئي ۽ پورو ڌڙ ڪمبل جيان ويڙهيل هو پر آپريشن نه ڪرڻ جي صورت ۾ به مريض جي زندگي کي خطرو هو ڇو ته ڦڦڙن ۽ دل تي سخت دٻاءُ جي ڪيفيت هئي ان تڪليف جو اظهار لائي هوا ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو هو.ڊاڪٽرن ان عمل کي ايورسٽ جي چوٽي چڙهڻ جي برابر مشڪل قرار ڏنو جنهن ۾ چار مرحلن کان پوءِ مريض کي سڌو ڪيو ويو. هاڻ لائي هوا هڪ واڪر جي مدد سان هلي سگهي ٿو ۽ تمام جلد هو ڪنهن سهاري کان سواءِ ئي هلي سگهندو.