چين ۾ لاوارث ڪتو 42 لک رپين ۾ نيلام، رقم تربيتي مرڪز حوالي

0
413
ڪتو 42 لک رپين ۾ نيلام

بيجنگ(دلچسپ نيوز) چين ۾ لاوارث ڪتو 42 لک رپين ۾ نيلام، رقم تربيتي مرڪز حوالي ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ 2014 ۾ هڪ اڻ ڄاڻ شخص شيبا انو نسل جو جاپاني ڪتو جانورن جي تربيتي مرڪز ۾ ڇڏي ويو، تربيتي مرڪز جي انتظاميا ڪتي تي ايندڙ خرچ حاصل ڪرڻ لاءِ ان شخص خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو، پوليس کي ڳولا باوجود شخص هٿ نه آيو جنهن بعد عدالت ڪتي کي لاوارث ڄاڻائي تربيتي مرڪز حوالي ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ڪتي کي نيلام ڪري حاصل ٿيل رقم تربيتي مرڪز جي انتظاميا حوالي ڪئي وڃي

تربيتي مرڪزانتظاميا ڪتي جو نالو ڊينگ ڊينگ رکي سارسنڀال ڪئي، ڪتو چالاڪ ۽ انتهائي ڦڙتيلو نڪتو جنهن سبب هو تربيتي مرڪز انتظاميا جي پڻ دلچسپي بڻجي ويو، عدالتي حڪم تحت چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ويبو تي ڊينگ ڊينگ جي نيلامي شروع ڪئي وئي ته خريدارن جي لائين لڳي وئي، نيلامي جي پهرين ٻولي 13 هزار رپيا لڳي جيڪا بعد ۾ آهستي آهستي وڌي 42 لک رپين تائين پهچي وئي. ڊينگ ڊينگ جي نيلامي ۾ حاصل ٿيل رقم مان تربيتي مرڪز کي تمام گهڻو فائدو حاصل ٿيندو.