بيجنگ (م ڊ) چين ۾ سامونڊي طورفان جي اثر هيٺ تيز هوائن سان گڏ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، تيز ٻوڏ وهڪاري گاڏين سوڌو رستي ۾ آيل هر شيءِ کي لوڙهي کڻي ويا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هاڻوڪين برساتن سبب بيجنگ جي هوائي اڏن تي اڏامون رد ۽ ديرجو شڪار آهن، متاثر علائقن مان هزارين ماڻهو شيلٽرز هوم ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا. رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شديد برساتن سبب مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. طوفاني برساتن راڄڌاني بيجنگ، تيانجن ۽ هيبائي جا ڪيترائي علائقا شديد متاثر ٿيا آهن، روڊ درياهن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، تيز رفتار پاڻي سڀ ڪجهه لوڙهي ويو، ٻوڏ وهڪرن ۾ گاڏيون لڙهي ويون، ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ گھڙيل علائقن ۾ ڦاٿل آهن. رپورٽس موجب بيجنگ ۾ جاري طوفاني برساتن جي ريڊ الرٽ کان پوءِ هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن، شهر جي ٻنهي هوائي اڏن تي 200 کان وڌيڪ اڏامون رد ۽ 600 کان وڌيڪ دير جو شڪار ٿيون آهن. ان کانسواءِ شهر جون 350 کان وڌيڪ شاهراهون شديد برسات سبب متاثر ٿيون آهن. واضح رهي ته سامونڊي طورفان ڊوڪسري جمعي جي ڏينهن چين سان ٽڪرايو هو.