ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه ) چيني ڪمپنين اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جا اهلڪار وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ جا 250 اهلڪار رلي ويا، ان ڏس ۾ چيني ڪمپني پوليس جي اعلي’ عملدارن کي خط لکي چيو آهي ته کين سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ نفري نه گهرجي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان سي ٽي ڊي سنڌ جي 250 اهلڪارن جو بدليون سي پيڪ سيڪيورٽي يونٽ ۾ ڪيون ويون هيون، هوڏانهن بدلي ٿيل اهلڪارن اعلي’ عملدارن کي درخواست لکي ڄاڻايو آهي ته ڪا به چيني ڪمپني کين سيڪيورٽي تي رکڻ لاءِ تيار ناهي،  وڏي تعداد ۾ اهلڪار هٿيارن سميت توحيد ڪمرشل جي بينڪن سامهون ويٺل آهن، سمورن اهلڪارن کي سموري رات روڊن تي گذارڻي پئي،  ڪو به لائين آفيسر سندن ڪال اٽينڊ نٿو ڪري، ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي  مقصدن تحت اهلڪارن جون مقرريون ۽ بدليون معمول جو حصو آهن, واڌو نفري جي مقرري سبب پيدا ٿيل بدنظمي بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي.