چيني قوم ۽ ‘ذلتن جي هڪ صدي’

0
47
چيني قوم ۽ ‘ذلتن جي هڪ صدي’

 لاطيني آمريڪا جي جڳ مشھور، نوبل انعام ماڻيندڙ ليکڪ گئبريل گارسيا مارڪيز جو ھڪ ناول آھي “اڪيلائيءَ جا ھڪ سئو سال” (One Hundred Years of Solitude).  ھي ناول به ليکڪ جيتري ئي مڃتا ۽ مشھوري ماڻيندڙ ڪتاب آھي ۽ سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آھي. اھڙي ئي مشھوري ماڻيندڙ ھڪڙا ٻيا به ھڪ سئو سال آھن، جنھن کي چيني قوم پنھنجي لاءِ “ذلت جي ھڪ صدي يا Century of Humiliation (COH)  جي نالي سان ياد ڪري ٿي. اھا صدي ڪا ڪھاڻي، ناول، يا ڏندڪٿا ناھي، پر حقيقي چيني تاريخ جو ھڪ اڻ ٽُٽ حصو آھي.

                 ذلتن جي صدي اصل ۾ تقريباً ھڪ سئو ڏھن سالن جي عرصي (1949-1839) تي محيط آھي. اھا صدي چين جي مٿان برطانيا بھادر طرفان زبردستي مڙھيل پھرين آفيم واري جنگ (First Opium War) ۾ شڪست (1842)، ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل ۽ عمل ۾ آندل ذلت آميز معاھدي کان شروع ٿئي ٿي ۽ مائوزي تنگ جي اڳواڻيءَ ۾ آيل ڪميونسٽ انقلاب تي ختم ٿئي ٿي. اھو تقريباً سمورو دؤر برطانيا، يورپي ملڪن، آمريڪا، روس، ۽ جاپان طرفان چين تي زبردستي مڙھيل جنگين ۽ ٿيل شڪستن، بربادين، خونريزين، ۽ اڻ برابريءَ تي ٻڌل ۽ مجبوراً مڃيل معاھدن تي ٻڌل آھي. انھن ھڪ سئو کان ڪجھه وڌيڪ سالن ۾، ٻين ڪيترين ئي زيادتين، ظلمن ۽ تباھين کان سواءِ، چين کي طاقت وسيلي آفيم خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، ۽ ان جا ڪيترا ئي علائقا زبردستي مڙھيل معاھدن وسيلي ڦٻايا ويا، جن ۾ ھانگ ڪانگ (برطانيا)، منچوريا جو ھڪ حصو (روس)، ۽ تائيوان ۽ لياڊونگ (جاپان) شامل آھن.

جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آھن ته پنھنجي دشمنن ۽ دُشمنين کي ياد رکبو آھي ۽ پَلَوَ پراڻا نه ٿيندا آھن، ايئن ئي زندھه قومون پنھنجي ڪارنامن، عظمتن، ۽ شاندار روايتن سان گڏوگڏ پنھنجي ڪمزورين، اوڻاين، شڪستن، ۽ انھن جي سببن کي ياد رکنديون آھن ته جيئن پنھنجي وڃايل عظمتن کي وري حاصل ڪرڻ ۽ انھن کي وڌيڪ بلندين تي پھچائڻ ۾ گھٽ کان گھٽ مشڪلن کي منھن ڏيڻو پوي، ۽ قوم فتحون ۽ سوڀون ماڻي سگھي. پراڻي زماني (Antiquity)  جو مشھور چيني فوجي جنرل، جنگي ماھر ۽ فلاسافر “سُن زُو” (Sun Tzu) پنھنجي ڪتاب “جنگ جو فن” (The Art of War)  ۾ لکي ٿو ته، “جيڪڏھن توھان پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي دُشمن/دشمنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ۽ سڃاڻو ٿا ته پوءِ توھان کي ڊڄڻ لاءِ ڪوبه سبب ناھي. پوءِ ڀلي توھان کي ھڪ سئو ويڙھيون (Battles) وڙھڻيون پون.

چيني قوم پنھنجي ماضيءَ جي ٻه ھزار سالن جي شاندار تھذيب، ترقيءَ ۽ روايتن کي ياد رکڻ سان گڏوگڏ پنھنجي ڪمزورين، شڪستن، ۽ ذلتن کي به ياد رکيو. انھن جي بيرحم ڇنڊ ڇاڻ ڪئي. اندرين ۽ ٻاھرين سببن کي ڳوليو ۽ پرکيو، ۽ انھن جي روشنيءَ، رھنمائيءَ ۽ نئين زماني جي پورھيت دوست فلسفي کي گڏائي ھڪ ڊگھي ويڙھه ڪئي، ۽ ملڪ ۽ قوم جي اندرين ۽ ٻاھرين دشمنن کي ھڪ فيصلائتي شڪست ڏني. ان کان پوءِ انھن ساڳين اصولن کي اڳيان رکي، مختلف تجربن ۽ انھن جي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ نتيجن کان گھربل سبقَ سکي ترقيءَ جي ان منزل تي پھتي آھي، جو دنيا حيران آھي، ۽ مغربي دُنيا، خاص ڪري اُن جِي لٺ سردار آمريڪي سرمائيدار سرڪار ايترو پريشان آھي، جو مختلف حيلن ۽ بھانن سان ان جي ترقيءَ جي راھه ۾ رڪاوٽون وجھڻ جون ڪوششون ڪندي رھي ٿي.

سنڌي قوم جيتوڻيڪ دنيا جي اڻ ڳڻين قومن جي مقابلي ۾ ھڪ تمام ننڍي، ڄڻ ڪنڊ ۾ پيل قوم آھي، پر ان جي تاريخي ۽ تھذيبي ورثي ۾، ڪمزورين ۽ شڪستن سان گڏوگڏ، شاندار روايتون پڻ موجود آھن. جيڪڏھن سنڌي قوم جو پڙھيل لکيل ۽ دانشور طبقو پنھنجي ۽ ٻين جي تعريفن واري ڪِرت سان گڏوگڏ، سنڌ جي تاريخ، ۽ اُن جي اڳين ۽ ھاڻوڪين مھان شخصيتن جي خوبين ۽ ڪاميابين کي سڃاڻي ۽ بيان ڪري، انھن جي اوڻاين ۽ شڪستن جو ايماندار، اڻڌريو، ۽ بي رحم ڇيد ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري لکت ۾ عوام اڳيان رکي، رُڳو رڪارڊ جو  پورائو نه ڪري، ان ڪم ۾ بي ايمان نه بڻجي، ۽ دوستيون ۽ پارٽيون نه نڀائي ته ممڪن آھي ته قوم لاءِ ڪو چڱو نتيجو نڪري پوي.