بيجنگ(انٽرسٽنگ نيوز) تصوير ۾ نظر ايندڙ خوبصورت پيالو جيئن ته غير معمولي نٿو لڳي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اهو اڍائي ڪروڙ ڊالرن ۾ نيلام ٿيو آهي جنهن جي پاڪستاني رپين ۾ قيمت 7 ارب کان وڌيڪ ٿئي ٿي. مشهور نيلام گهر سوٿ بي موجب اها هڪ ناياب شيءِ آهي. ان کي ارڙهين صدي ۾ بيجنگ جي شاهي ڪارخاني ۾ ٺاهيو ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو صرف ساڍن چئن انچن جو معمولي پيالو وڏي رقم ۾ نيلام ٿيو آهي. اهو پيالو يونگ زينگ بادشاهه جي دور ۾ تعمير ٿيو جنهن جو دور 1722 کان 1735 تائين رهيو. پر پيالي تي نقش يونگ زينگ جي لاڏاڻي کانپوءِ ٺاهيو ويو. اها هڪ طرح جي رسم هوندي هئي دجنهن کي “فينگ ڪائي” يعني ٻاهرين رنگن جو نالو ڏنو ويو هو. يعني شاهي ڪارخانن م ساده پيالا ٺهندا هئا جڏهن ته بيجنگ جا گمنام ڪاريگر انهن تي نقش بڻائيندا هئا. هن پيالي تي 2 ابابيل نمايان آهن جيڪي وڻ وٽ اڏامي رهيا آهن.