چيلھار (رپورٽ: محمدخان نھڙيو) چيلھار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چوپائي مال جون چوريون وڌي ويون، پوليس چوري ڪيل رڍن سان ڀريل ھڪ جيپ پڪڙي ورتي، چور فرار ٿي ويا، ڀاڳين پوليس جي ڪردار کي مشڪوڪ قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب چيلھار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جوڙوئو، آسار ۽ ٻين ڳوٺن ۾ چوپائي مال جي چورين جون وارداتون وڌڻ کان پوءِ ڀاڳين جون ننڍون ڦٽي ويون آهن. مال چورن جا منظم ٽولا ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، ان جي باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. گذريل رات لانگ چيچيس جيپ نمبر بي سي 9612۾ چور 9 رڍون کڻي فرار ٿي رھيا ھئا ته اطلاع ملڻ تي پوليس گاڏي ۽ رڍن کي پڪڙي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو، جڏھن ته چور فرار ٿي ويا. چوري ٿيل رڍون گوٺ جوڙوئو جي عليم نھڙيءَ جو ٻڌايون وڃن ٿيون. علائقي ۾ اهي پڻ چؤٻول آهن ته چور ۽ چوري ۾ استعمال ٿيل گاڏيءَ جي ڊرائيور کي پوليس ھٿ وٺي فرار ڪرايو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او چيلھار جو چوڻ ھو ته متاثر ڀاڳين جي اچڻ تي چورن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڳوٺاڻي منور علي ٻڌايو ته پڪڙيل رڍن ۾ پنج رڍون عليم جون ۽ ٻيون منھنجون آھن. چورن کي پوليس هٿ وٺي فرار ڪرايو آھي. هن جو وڌيڪ چيو ته علائقي اندر چوپائي مال جي چورن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي. علائقي واسين موجب ھڪ ڏينھن اڳ به نامعلوم چور آسار اسٽاپ وٽان رڍون ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا هئا پر هن مهل تائين چورن يا گاڏي جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگھي آهي.