چيئرمين نيب جي نوڪري ۾ واڌ ڪيئن ٿيندي ؟

0
247
سنڌ جو پاڻي ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ کان سواءِ ڪيئن پورو ٿيندو؟

چيئرمين نيب ريٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي ايڪسٽينشن وارو مامرو هينئر هلندڙ آهي هڪڙي پاسي وفاقي حڪومت ان جي نوڪري ۾ واڌ ڪرڻ چاهي ٿي ٻئي طرف نيب جي قانون ۾ اها گنجائش ناهي ته ان کي  نوڪري ۾  واڌ ڏئي سگهجي، پر حڪومت ان کي نوڪري ۾ واڌ ڏيڻ چاهي ٿي جو هن پراڻن سياستدانن کي مني لانڊرنگ ۾ تمام سوڙهو ڪيو آهي، ٻئي پاسي مخالف ڌر جو اڳواڻ جناب شهباز شريف ان کي نوڪري ۾ واڌ نٿو ڏيڻ چاهي، پوءِ ڇا ڪجي؟

قانون ۾  ترميم

هڪڙو حل اهو آهي ته نيب جي قانون ۾ ترميم آڻجي پر اهو معاملو  حل تڏهن ٿي سگهندو جڏهن قومي اسميبلي ۾ اهو ترميم وارو قانون پاس ٿئي، جنهن ۾ شهباز شريف ليڊر آف اپوزيشن آهي ۽ هو پوري ڪوشش ڪندو ته اها نيب قانون واري ترميم پاس نه ٿئي، ٻئي پاسي حڪومت جو زور هوندو ته ڪنهن نموني ۾ به اها ترميم پاس ٿئي، نتيجو ووٽن جي ڳڻپ جي آڌار تي ٿيندو، تنهن ڪري اها ترميم منظور  به ٿي سگهي ٿي ۽ نامنظور به ٿي سگهي ٿي.

ٻيو حل

 ٻيو حل اهو آهي ته حڪومت وارا شهباز شريف سان ڳالهيون ڪن  پر جڏهن نيب طرفان انهن تي ڪيس ٺهيل آهن ۽ هو نيب قانون تحت جيلن ۾ به رهي چڪا آهن ۽ اهو سڄو ڪم نيب جي حوالي سان ٿيو آهي  ته هو انهي تي راضي ڪيئن ٿيندا.؟

 ٽيون حل

 ٽيون حل اهو آهي ته حڪومت انهي  قانون لاءِ آرڊيننس آڻي،  پر مخالف  ڌر وارا انهي تي ڪورٽن ۾ ويندا ۽ ظاهر آهي ته ڪورٽون فيصلو حڪومت خلاف ڏينديون جو آئين ۾ آهي ته فيصلو حڪومت  ۽ مخالف ڌر ٻئي ڪن ته ان نموني به فيصلو نه  ٿي سگهندو.

 پوئين زماني ۾ جڏهن پ پ جي حڪومت هئي  ته هنن نيوي جي چيف ايڊمرل فصيح بخاري کي نيب جو چيئرمين مقرر ڪيو هو ته ان وقت جي ليڊر آف اپوزيشن   چوڌري نثار علي خان سپريم ڪورٽ  ۾ اپيل داخل ڪئي هئي ته هنن کان چيئرمين جي چونڊ ۾  صلاح نه ورتي وئي هئي، جنهن تي سپريم ڪوٽ نه رڳو هن جي اپيل مڃي پر انهي چيئرمين کي نوڪري ڏيڻ  جي مخالفت ڪئي  ۽ انهي جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو.

اڃان هڪڙو ٻيو آپشن به آهي جنهن تي  وفاقي سرڪار غور ڪري رهي آهي. اها آهي ته چيئرمين جي نوڪري  واري قانون کي رد ڪيو وڃي ۽ چيئرمين کي نوڪري ڏجي  جيستائين نئين چيئرمين جي مقرري ٿئي، ٻيو آپشن اهو آهي ته نيب جي موجوده چيئرمين کي بحال رکيو وڃي جيسيتائين حڪومت چاهي ۽ انهي دوران صلاح مصلحت  واري ڳالهه جاري رکجي جيستائين فيصلو ٿئي.

فائنل سرڪار جو فيصلو ٻن ڳالهين تي مدار رکي ٿو.

  1. ته جوڊيشري جو ردعمل ڇا ٿيندو؟
  2. اسٽيبلشمينٽ رد عمل ڇا ٿيندو؟

جستائين جوڊيشري جي رد عمل جو تعلق آهي اهو قاعدي قانون موجب ٿيندومعنيٰ انهي فيصلي کي رد ڪندا. جو اڳي به ايئن ٿي چڪو آهي، جڏهن اپوزيشن ليڊر نثار خان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته بنا اپوزيشن ليڊر جي صلاح مصلحت جي چيئرمين نيب جي مقرري غلط هئي. اچو ته اسٽيبلشمينٽ جي رد عمل تي. اسٽيبلشمينٽ وارن کي خبر آهي ته ن ليگ وارن چيو هو ته موجوده عسڪري قيادت ئي   اليڪشن ۾ نواز شريف جي مخالفت ڪري ٿي  ۽ ان کي ڪڍرائڻ ۾ به انهن جو ڪم آهي  ۽ عمران خان  کي حڪومت ۾ آڻڻ وارا به اهي ئي آهن، ياد رهي ته اها ئي   قيادت پنهنجن عهدن تي برقرار آهي  اهي نه چاهيندا  ته نيب چيئرمين  تبديل ٿئي جو  ن ليگ وارن سڀني کي تمام  سوڙهو ڪيو آهي ۽ هو نيب چيئرمين جي بحالي چاهن ٿا.

 هاڻي حڪومت وٽ هيٺيان آپشن بچن ٿا

  1. آرڊيننس آڻي نيب چيئرمين کي بحال رکن، جنهن ۾ اسيمبلي  مان ترميم ڪرائڻ ضروري آهي پر اها نه ٿي سگهندي  جو ڪورٽ وارا اڳي جيان  ان کي به رد ڪندا.
  2. اهي نيب چيئرمين کي بحال رکن جيستائين ڪورٽ فيصلو ڪري ايئن ڪرڻ سان نيب چيئرمين پنهنجو ڪم ڪندو رهندو ۽ حڪومت هن کي اڃان وڌيڪ وقت لاءِ رکي سگهندي  پر انهي  لاءِ ضروري آهي ته ڪورٽ کان نيب چيئرمين کي بحال رکڻ لاءِ. Stay order  وٺن. جنهن نموني حڪومت نيب چيئرمين کي بحال رکڻ چاهي ٿي ته اهو فيصلو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن ڪورٽون ان ۾ مدد ڪن ۽ اسٽيبلشمينٽ وارا  ان تي راضي ٿين. هڪڙو ٻيو آپشن به موجود آهي انهي ۾ موجوده اپوزيشن ليڊر شهباشريف  کي هٽائي ان جاءِ تي نئون ليڊر آڻجي جيڪو حڪومت سان سهڪار ڪري.