چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن جون رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي پهچي ويو

0
100
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن جون رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي پهچي ويو
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن جون رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي پهچي ويو

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن جون رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي پهچي ويو، بلاول هيليڪاپٽر ذريعي عادلپور پهچي ڌاريجا ڀائرن ڄام سيف الله ۽ اڪرام الله ڌاريجو سان ملاقات ڪئي

 بلاول ڌاريجا ڀائرن سان ملاقات بعد خانڳڙهه پهچي سردار علي گوهر مهر ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي، ذريعن موجب بلاول صوبائي تڪ پي ايس 19 تي خالد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم ڪرائيندو

 ذريعن موجب بلاول جي دوري دوران پي ايس 19 تي خالد لنڊ ۽ علي گوهر مهر کي باري پتافي جي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، ذريعن موجب پي ايس 19 ڏهرڪي تي اختلافن جي نبيري لاءِ نادر اڪمل لغاري جي علي گوهر مهر ۽ خالد لنڊ سان ڳجهي ملاقات به ڪرائي ويندي

 ذريعن موجب ڏهرڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 18 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ شهريار شر ۽ ڄام مهتاب ڏهر جو تڪرار به نبيريو ويندو

 ذريعن موجب گهوٽڪي جي تڪن تي پارٽي اڳواڻن وچ ۾ سمورن تڪرارن جي نبيري تائين بلاول ڀٽو زرداري علي گوهر خان جي بنگلي تي موجود رهندو