چيئرمين ارسا احمق چيو، ڪتاب بھ اڇلائي، سنڌ جي نمائندي جو الزام

0
258

انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) سنڌ جي نمائندي زاھد حسين جوڻيجو چيئرمين رائو ارشاد علي خان تي احمق چوڻ جو الزام لڳايو. اسلام ۾ پاڻي جي صورتحال تي ارسا جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ دريائن جي صورتحال کي ڏسندي پاڻڻي جي صورتحال 21 مئي جي فيصلي موجب رکڻ جو فيصلو ٿيو، ارسا سنڌ جي نمائندي زاھد حسين جوڻيجو جو چوڻ آھي تھ توسنھ پنجند لنڪ ڪئنال کولڻ تي اعتراض ڪيو تھ چيئرمين ارسا رائو ارشاد علي خان احمق چيو ۽ ڪتاب بھ اڇلائي، ھن چيو تھ ڪتاب منھنجي مٿان اڇلائي وئي ھنئي نھ وئي، ٻئي طرف ترجمان ارسا چيو تھ اجلاس ۾ ڪوبھ جھڳڙو يا گٿا لفظ نھ ڳالھايا ويا.