چوڌري شجاعت طرفان پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پرويز الاهي جي حمايت جو اعلان

0
216
چوڌري شجاعت طرفان پنجاب

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پرويز الاهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

جاري ٿيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ق ليگ جو اُميدوار پرويز الاهي آهي، پهرين به چئي چڪو آهيان ته جنهن کي مينڊيٽ مليو آهي، حڪومت ڪرڻ اُن جو حق آهي، مونکي وڌيڪ صفائي ۽ وضاحت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي

هن چيو ته جيڪي چونڊجي آيا آهن، اُهي ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ جو فڪر ڪرڻ بدران عوام جي خدمت ڪن

لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان اڄ چوڌري شجاعت سان ٻيهر ملاقات ڪرڻ جا امڪان آهن

پي ٽي آءِ قيادت به ق ليگ قيادت سان ملاقات جو فيصلو ڪري ورتو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عمران خان سڀاڻي لاهور پهچي ملاقات ڪندو