چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ سانگهراڙو، ڳوٺ غلام نبي شاهه، ڳوٺ سهراب شاهه، ڳوٺ جوڳيون، ڳوٺ ڊڀري، ڳوٺ پنهيل ۽ ٻين ڳوٺن سميت شهر ۾ جوڻيجا پاڙو، ڪنڀار پاڙو سميت ٻين علائقن ۾ لمپي اسڪن بيماري جي ويڪسين نه ٿي سگهي، ان حوالي سان مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن سيد عبدالڪريم شاھ، سيد صابن شاھ، سيد قاسم شاھ، حاجي گنبلو شاھ، علي خان شاھ، علي احمد شاھ، نياز حسين شاھ ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته چوٽيايون جي وٽنري اسپتال جو ڊاڪٽر هتان جي ويڪسين کڻي وڃي ٻئي هنڌ رشوت عيوض ويڪسين ڪري ٿو. ٻئي طرف وٽنري ڊاڪٽر ديدار لغاري موقف ڏنو آهي ته اسان وٽ ٽائم ئي ناهي جو چوٽياريون پهچي ويڪسين ڪري سگهون آفيسرن جو حڪم آهي ته ڪنڊياري وڃي اتي ويڪسين ڪريو جتي اسان جا انچارج موڪليندا اتي وينداسين. صحافين پاران جڏھن وٽنري جي آفيسر ڊاڪٽر ايسرداس سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته اسان وٽ عملو گهٽ آهي ڪنڊياري ۾ عملو نه هجڻ سبب اتي ڊاڪٽر موڪليا آهن اتان فارغ ٿيندا ته چوٽياريون موڪلينداسين.