چوھڙجمالي(ن پ ا) چوھڙجمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شاهه بندر تعلقي ۾ روينيو رڪارڊ ۾ ھيراڦيري ۽ جعلي داخلائون ڪينسل ڪرڻ سميت منشيات ۽ بدامني خلاف ضلعي اڳواڻ عبدالواحد خاصخيلي،رزاق، جمن سنڌي ۽ ڪاڪا اشفاق ميمڻ جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سموري تعلقي ۾ منشيات جو ڪاروبار  عروج تي پھچي ويو آهي، پر پوليس جي ڪن تي جون به نٿي سري  ۽ ڦر چورين جو وارداتون عام ٿي ويون آهن   بدامني چوٽ چڙھيل آهي. ھنن چيو ته شاهه بندر جي روينيو رڪارڊ  ۾ وڏي پئماني تي ھيراڦيري ڪئي وئي آهي، جعلي داخلائون  ڪينسل ڪيون وڃن نه ته  ٻي صورت ۾ احتجاج  جو دائرو  وسيع ڪيو ويندو.