چونڊ 2024 ۾ ڪراچي جي بدلجندڙ صورتحال

0
36
چونڊ 2024 ۾ ڪراچي جي بدلجندڙ صورتحال

 سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي چونڊ صورتحال انتھائي دلچسپ بڻجي چڪي آھي. ڪراچي ڊويزن جي 22 قومي اسيمبلي ۽ 47 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي چونڊ ٿي رھي آھي. شھر تي 1988 کان 2013 تائين ايم ڪيو ايم (پاڪستان) اڪثريتي پارٽي رھي، 2018 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي شھر ۾ فيصلاڪن اڪثريت ملي. 2024 جي چونڊ ۾ ڪراچي جي پارٽي پوزيشن تبديل ٿيندي نظر اچي رھي آھي. ڪراچي ڊويزن جون 2008 واري اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 20 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 42 ھيون، جيڪي ھاڻي نين تڪبندين جيڪي 2017 ۽ 2023 جي آدمشماري کانپوءِ قومي اسيمبلي 22 ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيتون 47 ٿيون آھن. جيڪي سنڌ جي ٻين ڊويزنن مان کڻي ڪراچي کي ڏنيون ويون آھن. ٻئي معنا ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ٻن قومي ۽ 5 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جو اضافو سنڌ جي ٻين حلقن کان سيٽون ڪٽي ڪيو ويو آھي. جتي پھرين 2008 تائين سيٽن جو تعداد قومي اسيمبلي 20 ۽ صوبائي اسيمبلي 42 ھو. ڪراچي ھن وقت آبادي جي لحاظ کان وڏي ڀاءَ واري حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي. ڪراچي وڌندڙ آبادي جي ڪري صوبي جي ٻين ڊويزنن جي سيٽن کي متاثر ڪري رھي آھي. ڪراچي جي ھن اليڪشن 2024 ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال جنھن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪمزور پوزيشن، ايم ڪيو ايم جو بلدياتي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ، 2018 ۾ ڪراچي مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ گهٽ سيٽون کڻڻ، ڪراچي جو ميئر پاڪستان پيپلز پارٽي جو منتخب ٿيڻ سان ڪراچي جي سياسي صورتحال بلڪل بدلجي وئي آھي. وري تازو ايم ڪيو ايم (لنڊن) جي پاران ڌار آزاد اميدوار بيھارڻ واري غير متوقع فيصلي واري اعلان کي ايم ڪيو ايم (پاڪستان) لاءِ خطري جي گھنٽي سمجهيو پيو وڃي. ان فوري طور تي تبديل ٿيل صورتحال جو فائدو ڪراچي ۽ حيدرآباد شھرن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي کي ٿيڻ جا امڪان ظاھر ڪيا پيا وڃن. جن ۾ ضلعي ملير جي ٽن قومي اسيمبلي جي تڪن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڄام عبدالڪريم بجار، سيد رفيع اللھ ۽ عبدالحڪيم بلوچ جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم نظر اچي رھي آھي. ياد رھي ته 2018 جي اليڪشن ۾ به اھي سيٽون پاڪستان پيپلز پارٽي کي مليون ھيون. اھڙي طرح ملير ضلعي جون 6 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي آساني سان کٽي سگهي ٿي.

ان کانسواءِ ضلعي ڏکڻ جي ٽن قومي اسيمبلي جي تڪن مان ٻه؛ هڪ ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ڪلفٽن، صدر ۽ ٻيو لياري تي مشتمل آهي، ڊفينس واري سيٽ تان 2018 جي اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي ۽ صوبائي اسيمبلي تي اڳوڻو گورنر سنڌ عمران اسماعيل ڪامياب ٿيا ھئا. ھن دفعي ھن سيٽ اين اي 241 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مشھور صنعتڪار، ڪالمسٽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ ۽ صوبائي اسيمبلي تي نجمي عالم مضبوط اميدوار آھن. ڊفينس ڪلفٽن واري ھن حلقي جو آءُ پاڻ به 2008 کان ووٽر اھيان. مرزا اختيار بيگ راقم کي پاڻ ٻڌايو ته ھو (مرزا اختيار بيگ) ۽ نجمي عالم 2008 ۾ اليڪشن کٽي چڪا ھئا پر سندس سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي خاتون اميدوار خوشبخت شجاعت جو اعلان ڪيو ويو. ھن دفعي مرزا اختيار بيگ پنھنجي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ پر اميد آھي.

ضلعو ڏکڻ  آبادي جي لحاظ کان ڇهين ۽ شهر ۾ ووٽن جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي آهي، قومي اسيمبلي جون ٽي ۽ سنڌ اسيمبلي جون پنج سيٽون اچي وڃن ٿيون. اين اي 240 ۽ پي ايس 107 ۾ جمن شاهه ڪالا گوڙ، مرزا آدم خان روڊ، سنگو لين، نوا لين، فٽبال گرائونڊ، رامسوامي، رنڇوڙ لائين، پان منڊي. مدينه مينشن، کارا در، بولٽن مارڪيٽ، ڪوڙي گارڊن ۽ ڊينسو هال شامل آھن، جيڪي پراڻي ڪراچي جا علائقا آھن. اين اي 241 ۾ شهر جي پوش ۽ پراڻن حصن کان علاوه، دهلي ڪالوني، پنجاب ڪالوني ۽ اعليٰ حفاظتي علائقا جهڙوڪ گورنر هائوس، وزيراعليٰ هائوس ۽ جناح اسپتال به شامل آهن. ان کانسواءِ هن قومي اسيمبلي جي سيٽ ۾ اھم تجارتي سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته صدر، ايمپريس مارڪيٽ، بوهري بازار، اليڪٽرانڪس، موبائل، گيمز مارڪيٽس، آرام باغ، سٽي ريلوي ڪالوني، برنس روڊ، فير ٽائون، هجرت ڪالوني، بوٽ بيسن، ڪلفٽن- ڪھڪشان، اپر گزري، شيرين جناح ڪالوني، صدر، ميفيئر سينٽر، رينبو سينٽر، پريس ڪلب شامل آهن. اين اي 241 جنھن ۾ ايم ڪيو ايم جو ڊاڪٽر فاروق ستار، پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار خرم شير زمان، پيپلز پارٽي جو ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ، ٽي ايل پي جو محمد وسيم، جماعت اسلامي جي نويد علي بيگ ۽ مسلم ليگ ن جي روزينا بيگ شامل آهن.

اين اي 239، هن حلقي ۾ آگره تاج ڪالوني، دريا آباد، ھنڱورا آباد، خداداد ميمڻ سوسائٽي، نئون آباد، بغدادي، شاهه بيگ لين، بهار ڪالوني، گل محمد لين- رانگيواڙ، ڪالاڪوٽ- ريڪسر لين ۽ ٻيا علائقا شامل آهن. ھي علائقو سمورو لياري واري ايريا تي مشتمل آھي. هن تڪ تان پيپلز پارٽي جو سردار نبيل احمد گبول، جي يو آءِ جو فضل الرحمان نيازي، پي ٽي آءِ جو ياسر بلوچ، ٽي ايل پي جو محمد شرجيل گوپلاڻي، جي يو آءِ پاڪستان جو مولانا نور الحق بيٺل آهن. ان کانسواء پي ايس 106 جيڪو پڻ لياري واري علائقي تي مشتمل آھي، جتان پ پ جو عثمان غني ھنــڱورو، جي يو آءِ جو سيد عبدالرشيد، پي ٽي آءِ جو حنيف ۽ ن ليگ جو امجد علي آصف اميدوار آهن. لياري جا ڪجهه حصا جن ۾ مرزا آدم خان روڊ، ميمڻ سوسائٽي، بغدادي، موسيٰ لين، بسم الله ڪالوني ۽ ٻيا علائقا آهن.

پي ايس 107 تڪ جي علائقن ۾ شاهه بيگ لين، حاجي جمعه ڳوٺ، لاسي روڊ، گلستان ڪالوني، مزمل شاهه روڊ، لائيٽ هائوس، ڪي ايم سي ورڪشاپ، سنگو لين، نوا لين ۽ فٽبال گرائونڊ شامل آهن. پ پ جو محمد يوسف، جي آءِ ٽي جو محمد عيسيٰ، ٽي ايل پي جو سيد علي اسامه قادري، پي ٽي آءِ جو خالد مد مقابل آهن.

پي ايس 108گارڊن ويسٽ، ڌوٻي گهاٽ، عثمان آباد، پاڪستان ڪوارٽرز، نشتر روڊ، رامسوامي، رنڇوڙ لائين ۽ پان منڊي هن حلقي جو حصو آهن. اميدوارن ۾ ايم ڪيو ايم جو محمد دلاور، پ پ جو محمد فياض اڳوڻو ضلعي ڏکڻ چيئرمين ۽ ٽي ايل پي جو سلطان احمد شامل آهن. پي ايس 109چونڊيل علائقن ۾ مدينه مينشن کھارادر، کوڙي گارڊن، ڊينسو هال، سنڌ مدرسته الاسلام، نيو چالي، آرام باغ، سٽي ريلوي ڪالوني شامل آهن. صوبائي اسيمبلي جي ھن سيٽ لاءِ ايم ڪيو ايم جو افتخار قائمخاني، پ پ جو عبدالرزاق، پي ٽي آءِ جو بلال جدون ۽ ٽي ايل پي جو محمد رضا وچ ۾ مقابلو آهي.

پي ايس 110،پي اين ٽي ڪالوني، پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جا حصا پڻ پي ايس 110 ۾ شامل آهن. اميدوارن ۾ ايم ڪيو ايم جو شارق نسيم، پ پ جو سيد نجمي عالم، جي آءِ ٽي جو سفيان دلاور ۽ ٽي ايل پي جو مسعود احمد ۽ شامل آهن. جڏھن ته ڪراچي جي ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن پي ايس 98 تي سنڌي نوجوان ايڊوڪيٽ سيد خليل احمد شاھ ۽ پي ايس 110 تي ٻيو ڪراچي جو ناميارو سنڌي بزنس مين ۽ ڊفينس ڪلفٽن ۾ سدائين متحرڪ رھندڙ ميان الياس عباسي پڻ عوام راڄ تحريڪ (اڻ رجسٽرڊ) پارٽي طرفان چونڊن ۾ حصو وٺي رھيا آھن، انکانسواءِ اين اي 242 ۽ اين اي 243 تي قادر خان مندوخيل ۽ عبدالقادر پٽيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيت تان ترتيبوار سعيد آباد ۽ ڪياماڙي واري علائقي مان بيٺل آھن، جيڪي 2018 وارن پنجن سالن واري ٽائيم ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر به رھيا آھن.

مٿين ڄاڻايل حلقن مان قومي امڪان آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار اليڪشن کٽڻ ۾ ڪامياب وڃن. ھن دفعي تجزيا نگارن جو چوڻ آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون 30 کان 34 سيڪڙو سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب وڃي سگهي ٿي. اليڪشن 2024 جا نتيجا سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي ڊويزن ۾ ڪھڙا ٿا اچن، ان جا مستقبل جي سياسي صورتحال تي يقينن بھتر اثرن جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

[email protected]