چونڊ سرگرميون ۽ ٺٽي ضلعي جي سياسي صورتحال

0
34
چونڊ سرگرميون ۽ ٺٽي ضلعي جي سياسي صورتحال

 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊون ويجهيون اچڻ ڪري اليڪشن ڪميشن پاران ٺٽي ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي چونڊن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، جڏھن ته اميدوارن پاران چونڊ سرگرميون زور شور سان جاري آھن. سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 ٺٽو ۽ صوبائي تڪن پي ايس 75 ٺٽو ۽ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو ۾ ھن ڀيري عام چونڊن لاءِ 425 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جن مان 15 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس ۽ 16 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آھي. ايندڙ عام چونڊن ۾ ٺٽي ضلعي جي ٽنهي تڪن تي رجسٽرڊ 5 لک، 22 هزار، 3 سئو، 86 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا.

                 اليڪشن ڪميشن پاران ٺٽي ضلعي اندر عام چونڊن لاءِ 4 هزار، 3 سئو، 51 پولنگ عملي جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آھن، جنهن لاءِ 8 سئو، 94 پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ سينيئر پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٽريننگ ڏيارڻ وارو عمل پڻ مڪمل ڪيو ويو آھي. هن ڀيري اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جا غير سرڪاري غير حتمي نتيجا پولنگ جو عمل ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسرن پاران جديد ڊوائيسز ذريعي خصوصي ايپ جي مدد سان بروقت اليڪشن ڪميشن جي پورٽل تي اپلوڊ ڪرڻ کي پڻ يقيني بنائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن. ٺٽي ضلعي جي 425 مان انتهائي حساس قرار ڏنل 15 پولنگ اسٽيشنن ۽ 16 حساس پولنگ اسٽيشنن تي ضلعي جي پوليس انتظاميا پاران وڌيڪ نفري لڳائڻ سميت رينجرز ۽ سيڪيورٽي ادارن کي پڻ وڌيڪ سيڪيورٽي عملو فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آھي، جڏھن ته 394 نارمل پولنگن تي پوليس جا جوان سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا.

جيتوڻيڪ ٺٽي ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي پ پ پاران نامزد اميدوارن جي حمايت ۾ سموريون سياسي طاقتور ڌريون ميدان تي لٿل آھن ۽ شيرازي به پيپلزپارٽي جو حصو هجڻ ڪري ٽيئي سيٽون پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪرڻ جا واضح امڪان آھن پر پ پ اميدوارن سامهون نوازليگ، جي يو آءِ، پي ٽي آئي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن سميت آزاد اميدوار به زور آزمائي ڪري رهيا آھن. ٺٽي جو قومي تڪ اين اي 225 ٺٽو ضلعي جي چئني تعلقن ٺٽو، ميرپور ساڪرو، گهوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر تي مشتمل آھي، جتي پيپلزپارٽي ٺٽي جو ضلعي صدر صادق علي ميمڻ اميدوار نامزد آھي ۽ ٻنهي صوبائي تڪن جي اميدوارن توڙي پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ چونڊ مهم هلائي رهيو آھي. سندس سامهون پ پ کان بغاوت ڪري نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھندڙ اميدوار وڏيرو رسول بخش جاکرو جي يو آئي ۽ قومپرست ڌرين جي مدد حاصل ڪري چونڊ سرگرميون ڪري رهيو آھي. هن قومي تڪ تي جماعت اسلامي پاران ڊاڪٽر امتياز پالاري، پي ٽي آئي پاران وڪيل جميل شاھ، جنيد صديقي ۽ آزاد اميدوار جاويد شاھ پڻ زور آزمائي ڪري رهيا آھن.

ساڳي ريت ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 75 ٺٽو تي پ پ پاران اڳوڻو ايم پي اي رياض شاھ شيرازي مضبوط اميدوار طور چونڊ مهم ۾ رڌل آھي، جنهن جي سامهون جي يو آئي جو نامزد اميدوار مولوي ارشد ميمڻ، جماعت اسلامي جو عبدالله آدم گندرو، پي ٽي آئي جو سيد امجد شاھ ۽ ايم ڪيو ايم جو مهر علي شاھ پڻ چونڊ وڙھي رهيا آھن. هن صوبائي تڪ پي ايس 75 ٺٽو تي رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 2 لک، 67 هزار، 5 سئو، 51 آھي ۽ 8 فيبروري تي هن تڪ تي 2 سئو، 16 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. جڏھن ته ٺٽي جو صوبائي تڪ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو ضلعي جو اهم صوبائي تڪ آھي، جيڪو ميرپور ساڪرو ۽ ڪيٽي بندر تعلقن ۽ گهوڙاٻاري تعلقي جي اڌ حصي تي مشتمل آھي. هن تڪ تي رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 2 لک، 54 هزار، 8 سئو، 35 آھي ۽ ايندڙ عام چونڊن جي ڏينهن تي 209 پولنگ اسٽيشنون قائم ٿينديون. ٺٽي جي هن تڪ تان پيپلز پارٽي جو نامزد اميدوار اڳوڻو ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري مضبوط اميدوار طور چونڊ مهم ۾ رڌل آھي.

سندس سامهون جي يو آئي جو مولوي سعيد الرحمان، جماعت اسلامي جو محمد علي خٽڪ، نواز ليگ جو عبدالجبار آرائين، ايس ٽي پي جو عمر ناهيو ۽ ٽي ايل پي جو الطاف حسين ڪڇي اميدوار طور بيٺل آھن. عام چونڊن ۾ باقي ڪجھ ڏينهن وڃي رهيا آھن، جنهنڪري اميدوارن پاران ڪارنر گڏجاڻين ۽ چونڊ جلسن جو سلسلو زور وٺي چڪو آھي. مجموعي طور تي پيپلز پارٽي اميدوارن جون چونڊ سرگرميون وڌيڪ تيز نظر اچي رهيون آھن ۽ نواز ليگ پاران قومي تڪ جي اميدوار به مختلف ڌرين جي مدد سان ڪارنر گڏجاڻين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آھي، پر هن ڀيري عام چونڊن ۾ پولنگ واري ڏينهن ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گهٽ ھجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ حلقن جو چوڻ آھي ته سموريون طاقتور ڌريون هڪ ئي پارٽي ۾ ھجڻ توڙي مقابلي ۾ سگهاري چونڊ مهم نه هلڻ سبب عام ماڻھن جي چونڊن ۾ دلچسپي ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري گهٽ آھي.