چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان سوراهه ٿاڻي جي حد سائدو واري علائقي ۾ زميندار پاران ملازم نوجوان کي زمين ۾ پاڻي نه وهائڻ تان مبينا طور گارگند ڪئي وئي، جنهن سبب ڪاوڙجي نوجوان حاڪم علي خاصخيلي زهريلي دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن پاران فوري طور شهر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان کي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو.