چونڊون ۽ جمھوريت جون تقاضائون

0
34
چونڊون ۽ جمھوريت جون تقاضائون

جمھور پنھنجي جدوجھد سان جمھوريت کٽي ھئي. جنرل ضياءَ جي اڳواڻيءَ ۾ آمريت خلاف ايم آر ڊي اڻ سڌيءَ ريت ئي سھي، ڪامياب ٿي ۽ پوءِ بہ سياسي پارٽين، ميڊيا، فن جي ميدان ۽ ٻين ذريعن سان جدوجھد سوڀ ماڻي. ان سوڀ جو ئي انتقام آھي نون ليگ کي موٽائي مڙھڻ. غير جمھوري قوتون ھن وقت تائين عوام کان ڪيئي اھي شيون ڦري زيان ڪري چڪيون آھن، جي عوام  قربانيون ڏئي ماڻيون ھيون. مثال طور: پاڪستان اسٽيل ملز، ايس آر ٽي سي، زرعي سڌارا ۽ ڪيئي ڪمائتا قانون. بيشڪ عام چونڊون به عوام ماڻيون پر انھن کي بي اثر ڪرڻ لاءِ ھڪ ته مڪاني ادارن کي پارليامينٽ جي مقابلي ۾ آندو ويو، ٻيو ته سياسي پارٽين کي نظرين، منشور، فڪر ۽ واعدي وفا ڪرڻ بدران مطلب پرستيءَ سان  ڪمزور ڪري انھن کي محض شخصيتن يا خاندانن جو ڳيجھو بنايو ويو. مختلف طريقن ۽ ذريعن سان انھن ۾ “غير” داخل ڪيا ويا. انھن مان ئي گھڻن کي اڄڪلھ اليڪٽيبلز چيو ٿو وڃي. اھا به عجيب ڳالھ آھي ته اھا رڳو اڄ جي ڳالھ ناھي. 1988ع ۾ جڏھن پ پ جو ھر عام ڪارڪن اليڪٽيبل ھو، تڏھن به پ پ مصلحت ڪئي، غير عوامي شخصن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون. ٻين جي ڳالھ ڪجي به نه ٿي، جو پ پ جو مقابلو ڪندڙ ٻيون پارٽيون عوامي ھجڻ جي دعوا به نه ٿيون ڪن. انھن وٽ قومي، ملڪي، مذھبي، نسلي نعرا آھن. اھي ئي رڳو داغ ھجن ھا، تڏھن به مسئلو گھٽ ليکجي ھا پر ھاڻوڪين چونڊن ۾ ڊوھ ٻين قسمن جو به آھي. ٽيون ته عام چونڊن ۾ سڌارن کي روڪيو ويو، جيئن آمريت پسند امير ڪبير ۽ انھن جا چاپلوس ۽ ٻولڙيا ئي اميدوار ٿين. عوام جا عيوضي، جمھوري جدوجھد ڪندڙ ڪارڪن، اسيمبلين ۾ نه اچي سگھن. جمھوريت لاءِ جيل ڪاٽيندڙ صالح ڪاتيار صلاحڪار نه ٿي سگھي، نه مٿي راءِ ڏئي سگھي. پروفيسر پيرل پنھور کي اھميت نه ملي سگھي. يعقوب ڪنڀار پنھنجي سموري جدوجھد ۽ سريلائپ سان پاسي تي رھجي وڃي. نصير پنھور جدوجھد ۽ اٽل مزاج ھوندي پوئتي ئي رھي. مطلب ته ڪو به عام ماڻھو قانونساز ايوانن ۾ نه وڃي سگھي ۽ عوامي ڀلائيءَ جو نه قانون اچي سگھي، نه ڪجھ ٿي سگھي. ٻيو ته ٺھيو، ارڙھين ترميم کي ختم ڪيو وڃي، جيئن صوبن جا مليل ڪجهه حق به انھن کان واپس کسيا وڃن. اھي سازشون ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب ٿي رھيون آھن، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه رھيو آھي. مک ڌارا جي پارٽين کي ڪنھن ٻاهرئين دشمن جي ضرورت ئي ناھي، اھي اليڪٽيبلز وغيره ذريعي پنھنجي پير تي تي پاڻ ڪهاڙو ھڻي چڪيون آھن. تنھن کان سواءِ عوامي، لبرل بلڪه ترقي پسند جو پروفائل رکندڙ اي اين پي به ايم ڪيو ايم جھڙي فاشسٽ گروھ سان اتحاد ڪري گڏ ويٺي آھي. سموريون پارٽيون پ پ خلاف سندرو ٻڌي بيٺيون آھن. پ پ به پنھنجي بنيادي نعرن تي ڪليئر ناھي.

سياسي پارٽين طرفان اليڪشني منشور ته پيش ڪيا ويا آھن پر جيئن انھن پارٽين کي پاڻ به اھا خبر آھي تہ اھي عمل لاءِ ناھن. ايئن وڏي اڪثريت ۾ عام ماڻھو به سمجھن ٿا ته منشور ۽ نعرا اليڪشن مھم جي محض سونھن آھن. عام ووٽر نه ته ڪنھن اعليٰ مقصد، نه وري ڪنھن منشور لاءِ ووٽ ڏيندو. قمر زمان ڪائرا جو چوڻ آھي ته بھتر اميدوارن کي ووٽ ڏنو وڃي. سندس پارٽي ئي سندس راءِ کي اھميت نہ ٿي ڏئي ۽ بھتر اميدوار نٿي بيھاري.

اڄڪلھ ته عام ماڻھو بتي کڻي بھتر اميدوارن کي پيا ڳولين، تڏهن به نظر نٿا اچن. بلڪ عام ووٽر کي ته ھاڻي اھا اميد به نه رھي آھي ته سندس تر جو اميدوار کٽي آيو ته سندس مطالبي تي پاڙي جي نالي يا روڊ ٺھرائيندو. روڊ ٺھرائڻ جي دعوا نون ليگ وڏي ڪئي پر اھو فراڊ به ان کي ڦٻي ويو. سندس اسڪينڊلز ۾ روڊ وڪرو ڪرڻ به شامل آھي. نون ليگ ھڪ شخص تي ڪيڏو دارو مدار رکيو. پر ھاڻي ٻڌجي ٿو ته نواز نه پر شھباز کي وزيراعظم جو بيج ھنيو ويندو. نواز تي اعتبار نه ٿو ڪيو وڃي. ھن ھنڌ ان جو قصور اھو ناھي ته ھو عقل جو استعمال ڪجھ گھٽ ڪري سگھندو آھي پر اھو ته ماضيءَ ۾ سندس پارٽيءَ اندر ريڊيڪل عنصرن تي سندس ڪنٽرول نه ھو. اھو ئي سبب ھو، جو تڏھن قومي اسيمبليءَ ۾ بچاءَ جي بجيٽ گھٽائڻ لاءِ ٺھراءَ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. تڏھن جاويد هاشمي بہ نون ليگي قيادت ۽ ڪاموراشاھيءَ جي عتاب ھيٺ آيو ھو. ھو اڄڪلھ عمران خان جي حمايت ڪري رھيو آھي. ھوڏانھن عجيب ڳالھ آھي ته جي يو آءِ چوڌري نثار جي حمايت ڪري ٿي، جيڪو انھن جو اعتبار وارو آھي، جن کي ڪيئي سياسي گروھ ۽ روايتي ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ “اصل حڪمران” چون ٿا. اصل حڪمران ڇو؟ جڏھن ته جمھوريت عوام جي حڪومت کي ٿو چئجي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ھيل عام چونڊون ٿي رھيون آھن. چونڍون جمھوريت ۾ ضروري آھن پر اھي محض ھڪ ريت رسم ٿي رھجي وڃن ۽ عوام جي حق ۾ ڪا به تبديلي نه اچي ته پوءِ؟!! پوءِ ساڳيو فرقو ڦرندو. اڳي نام نھاد چونڊيل حڪومت ھئي، تڏھن به پيٽرول مھانگو ڪيو ويو، ھر بنيادي ضروري شئي مھانگي ڪئي وئي. ھاڻي نگران حڪومت به ھر لحاظ کان ايئن آھي، جيئن انڌير نگري- چرٻٽ راجا.

ھڪ شاعر چواڻي:

ڪيون سني عرض مضطر اي مؤمن

صنم آخر خدا نھين ھوتا.

دنيا ۾ ڪنھن بہ ملڪ اندر جمھوريت ايئن نه ھوندي آھي، پر ھتي ڪير به ان جي امڪانن کي ئي نه ٿو مڃي ته عوام جي به ڪا حڪومت ٿي سگھي ٿي! عوام جي مطلق حڪومت يقينن ڪٿي به ناھي پر اھا ڪوشش ضرور ٿي آھي ته عوام طاقت جو سرچشمو ھجي. ان ڪوشش کي ئي اھو جواز چئي سگھجي ٿو، جيڪو چونڊن سميت جمھوري اپائن جي حمايت تي آڻي ٿو، پوءِ اھي کڻي ناقص ڇو نه ھجن. اھڙي ڪنھن ناقص جمھوري نظام ۾ راءِ جي اظھار جي آزادي، ميڊيا جي آزادي، فرد جا حق، بنيادي انساني حق ۽ نمائندگيءَ جو ڪو طريقو ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ آمريت، ڪاموراشاھي، گروپ شاھي، ٽيڪنوڪريٽ ڪابينا وغيره سڀ انتھائي قاتلاڻا آھن.

اسان وٽ گھڻا ئي ماڻھو اصولي طور ھڪ “ماڻھو- ھڪ ووٽ” واري طريقي جا حامي آھن پر ھتي سازشن جا ڄار وڇايل آھن. عوام لاءِ رستو نه ڇڏيو ويو آھي. قوم جي ٽوٽل تباھيءَ لاءِ تيار قوتن جا حامي پاڻ کي قومپرست، وطن پرست، مذھبي وغيره چئي ڪري ميدان ۾ اچن ٿا. ووٽ يقينن ھڪ امانت آھي. اھا قاتل وحشي، گند گاھ، فاشسٽن، انھن جي اتحادين، مصلحت پسندن، حق جي ويرين، منافق عنصرن ۽ ڏاڍ وارن جي کاتي ۾ نه وڃڻ گھرجي.