چونڊن ۾ مڪاني وسيلن جو استعمال: نويد قمر، ناصرشاهه، ڄام شورو، منور ٽالپر ۽ سيال جا پٽ۽ ڀاءَ سربراهه بڻيل

0
70

چونڊن ۾ مڪاني وسيلن جو استعمال: نويد قمر، ناصرشاهه، ڄام شورو، منور ٽالپر ۽ سيال جا پٽ۽ ڀاءَ سربراهه بڻيل

ڪراچي (پنهنجي اخبار اليڪشن سيل) سنڌ جي 30 ضلعن ۾ قومي جي 61 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 130 تڪن تي چونڊ وڙهندڙ مختلف اميدوارن جي مڪاني ادارن ۾ موجود ميئرن، چيئرمينن  ۽ ڪائونسلر مائٽن توڙي آفيسرن پاران چونڊ مهم ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار جي نيٽ ورڪ کان مليل ڄاڻ موجب  سکر جي صوبائي تڪ پي ايس 25  تي پ پ اميدوار سيد ناصر شاھ جو فرزند سيد ڪميل حيدر شاھ  سکر ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين آھي.ساڳئي ريت اين اي 200 تان پ پ اميدوار نعمان اسلام شيخ جو ڀاءُ  ارسلان اسلام شيخ وري سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر آھي، ٻئي طرف گھوٽڪي جي پي ايس 20 خانڳڙھ تي پ پ اميدوار محمد بخش مهر جو ڀاءُ بنگل مهر گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين آهي، پي ايس 19 تي پ پ اميدوار عبدالباري پتافي جو ڀاءُ عبدالقيوم پتافي پوليس کاتي ۾ اي آءِ جي آهي، جڏهن ته پي ايس 22 تان پ پ اميدوار  ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو ڀائٽيو ڄام آصف رزاق ڌاريجو گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ ڀاڻج نوشيروان ڌاريجو ٽائون ڪاميٽي عادلپور جو چيئرمين آهي، هوڏانهن اين اي 198 تي پ پ اميدوار خالد خان لنڊ جو پٽ مير شهباز لنڊ ميونسپل ڪاميٽي ميرپورماٿيلو جو چيئرمين آهي، هوڏانهن خيرپور جي صوبائي تڪ پي ايس 29 تي پ پ اميدوار شيراز شوڪت راڄپر جو ننڍو ڀاءُ نادر شوڪت راڄپر خيرپور ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين آهي

جڏهن ته قومي تڪ اين اي 204 ڪنگري_ صوڀوديرو تي پ پ اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني جو پٽ فهد شاهه خيرپور ضلعي ڪائونسل  جو وائيس چيئرمين آهي، جڏهن ته قومي تڪ اين اي 202 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر نفيسه شاهه جو ڀاءُ ۽ صوبائي تڪ پي ايس 26 تا پ پ اميدوار سيد قائم علي شاهه جو پٽ ۽ رٽائرڊ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد لياقت شاهه سول اسپتال خيرپور اندر قائم ڪيل اکين جي اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيل آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي  پي ايس 11 تي پ پ اميدوار جميل سومرو جو ڀاءُ منير احمد سومرو شهر جي حيدري ٽائون جو يوسي 2 جو چيئرمين آهي، جڏهن ته پي ايس 12 تي پ پ اميدوار سهيل انور سيال جو ننڍو ڀاءُ شاھ رخ سيال دڙي ٽائون جو چيئرمين ۽ سوٽ نديم سيال يوسي فريد آباد جو چيئرمين آهي، تازو پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف انڙ جو ڀاءُ عدنان الطاف انڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر آهي، ساڳئي ريت اين اي 195 تي پ پ اميدوار نظير احمد ٻگهيو جو پٽ غلام مرتضيٰ ٻگهيو ۽ ڀائٽيو طاهر ٻگهيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر آهن، جڏهن ته هڪ ڀائٽيو ظاهر ٻگهيو وري يوسي گڏ جو چيئرمين آهي، هوڏانهن قمبر جي صوبائي تڪ پي ايس 16 ۽ 17 تي پ پ اميدوارن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جو ڀاءُ ريحان چانڊيو ميونسپل ڪاميٽي قمبر جو چيئرمن آھي، جڏھن ته سردار چانڊيو جو پٽ معنيم چانڊيو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر آھي، اهڙي طرح اين اي 197 ۽ پي ايس 16 تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي هڪڙو ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 3 جو ڪائونسلر پڻ آھي، ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ قومي تڪ اين اي 190 تي پ پ  اميدوار اعجاز جکراڻي جو ڀاڻج غلام عباس جکراڻي ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جو چيئرمين آهي، ساڳئي طرح پي ايس 2 ٺل تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو ڀائٽيو شاهزيب سرڪي ميونسپل ڪاميٽي ٺل جو چيئرمين آهي، ٺل واري ساڳئي تڪ پي ايس 2 تي جي يوآءِ اميدوار شفيق کوسو جو ڀاڻج مير طاهر کوسو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين آهي، هوڏانهن ڪشمور جي پي ايس 5 تي پ پ اميدوار عابد سندراڻي جو ڀاءَ راشد سندراڻي ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين آهي، ٻئي طرف شڪارپور جي صوبائي تڪ پي ايس 7 تي پ پ اميدوار امتيازشيخ جو ڀائٽيو فياض محمود شيخ ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جو چيئرمين آھي، ڳڙھي ياسين جي صوبائي تڪ پي ايس 9 تي پ پ اميدوار آغا سراج دراني جو ڀاءُ آغا شجاع الدين ڳڙھي ياسين جو ٽائون چيئرمين آھي، ٻئي طرف حيدرآباد جي صوبائي تڪ پي ايس 60 تي پ پ اميدوار ڄام خان شورو جا 3 ڀائر بلدياتي ادارن سان لاڳاپيل آهن

سندس هڪ ڀاءُ ڪاشف شورو حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر، ٻيو ڀاءُ بلاول شورو هٽڙي جي يونين ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين ۽ ٽيون ڀاءُ آصف شورو قاسم آباد ٽائون جي هڪ يونين ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيل آهي. لطيف آباد واري قومي تڪ اين اي 219 تي پ پ اميدوار علي محمد سهتو پاڻ به لطيف آباد جي هڪ يونين ڪاميٽي جو چيئرمين آهي. پي ايس 62 تي پ پ  اميدوار عبدالجبار خان جو فرزند فيصل جبار خان حسين آباد ٽائون جي يونين ڪاميٽي جو  وائيس چيئرمين آهي.هوڏانهن ٽنڊو محمد خان جي اين اي 221 تي پ پ اميدوار سيد نويد قمر جو پٽ سيد قاسم نويد ضلعي ڪائونسل ٽنڊو محمد خان جو چيئرمين آهي ، جڏهن ته صوبائي تڪ پي ايس 67 شاھ ڪريم بلڙي تي پ پ اميدوار خرم ڪريم سومرو پاڻ  ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر آهي ،هوڏانهن  ٽنڊوالهيار جي صوبائي تڪ پي ايس 58 تي پ پ اميدوار سيد ضياءُ عباس رضوي جو پٽ سيد ثمر حسين شاھ ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوالهيار جو چيئرمين  ۽ پي ايس 59  تي پ پ اميدوار امداد پتافي جو سوٽ خان محمد پتافي ٽائون ڪاميٽي چمبڙ جو چئرمين آهي، دادو جي پي ايس 82 تي پ پ اميدوار پير مجيب الحق جو ننڍو ڀاءُ پير دانش ميونسپل ڪاميٽي دادو جو چيئرمين آهي، ساڳئي ريت اين اي 227 تي پ پ اميدوار عرفان ظفر لغاري جو چاچو قمبر لغاري ٽائون ڪاميٽي سيتا جو چيئرمين آهي، اين اي 228  جوهي تي پ پ اميدوار رفيق جمالي  جو ڀاءُ سعيد احمد جمالي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڀائٽيو عامر فاروق جمالي دادو ميونسپل جو ڪائونسلر آهي، هوڏانهن سجاول جي قومي  تڪ اين اي 224  تي پ پ اميدوار سيد اياز شاھ شيرازي جو چاچو ۽ پي ايس 73 تي پ پ اميدوار سيد شاھ حسين شاھه شيرازي جو والد سيد شفقت شاھ شيرازي ضلعي ڪائونسل سجاول جو ميمبر آھي

جڏھن ته ٻنھي اميدوارن جا2 سئوٽ سيد نصير حسين شاھ شيرازي ۽ سيد پاشا شاھ شيرازي ضلعي ڪائونسل جا ميمبر آھن، سندن  پڦاٽ سيد آفتاب حسين شاھ شيرازي سجاول ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين آھي، پي ايس 74 تي پ پ اميدوار محمد علي ملڪاڻي جو ڀاءُ حاجي شوڪت ملڪاڻي ضلعي ڪائونسل سجاول جو ميمبر، سندس سئوٽ غلام قادر ملڪاڻي جو پٽ دانش ملڪاڻي سجاول ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ مائٽ جمن  ملڪاڻي ٽائون ڪاميٽي جاتي جو چيئرمين آھن. هوڏانهن ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 75 تي پ پ اميدوار سيد رياض شاھه شيرازي جو ڀيڻويو سيد ڪريم ڏنو عرف امتياز شاھ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ميمبر ۽ سئوٽ سيد تنوير شاھ شيرازي مڪلي ٽائون ڪاميٽي ۽ سيد منظور شاھ شيرازي ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جا ميمبر آھن.بدين جي قومي تڪ 222 بدين ون تي پ پ اميدوار مير غلام علي ٽالپر جو ڀاڻج مير نور محمد عرف مير حاجن ٽالپر ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام علي جو چيئرمين آھي، ساڳئي ريت قومي تڪ اي اي 223 تي پ پ  اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو جو پٽ امير سلطان چانڊيو ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام حيدر جو چيئرمين آھي,پي ايس 68  تي پ پ اميدوار حاجي محمد عرف ڏاڏا ھاليپوٽو جو ڀائٽيو عبدالغزيز ھاليپوٽو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين جو ميمبر ۽ سوٽ عاشق ھاليپوٽو ڦلڪارا يونين ڪائونسل جو چيئرمين آھي،جڏھن ته پي ايس 69 تي پ پ اميدوار مير الھبخش ٽالپر جا 2پٽ مير عرفان ٽالپر ٽائون ڪاميٽي راڄو خاناڻي  ۽ مير شاھجھان ٽالپر يونين ڪائونسل مير احسان علي ٽالپر جا چيئرمين آھن، پي ايس 72 گولاڙچي تي بيٺل پ پ  اميدوار محمد اسماعيل راھو جو  ڀاءَ سليم راھو يونين ڪائونسل راھوڪي جو چيئرمين  ۽ ڀائٽيو ذولفقار راھو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر آھي

هوڏانهن ميرپورخاص جي قومي تڪ اين اي 212 تي پ پ اميدوار مير منور ٽالپر جو ننڍو ڀاءُ مير انور علي ٽالپر ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين آھي، جڏھن ته صوبائي تڪ پي ايس 46  تي پ پ اميدوار سيد ذوالفقار علي شاھ  جو سئوٽ سيد شازل علي شاھه ميرپورخاص جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ( ٽي ايم سي) سيد خادم علي شاھ جو چيئرمين ۽ صوبائي تڪ پي ايس 48 تي پ پ اميدوار مير طارق ٽالپر جو چاچو ڊاڪٽر ذوالفقار ٽالپر ٽائون ڪاميٽي ڊگھڙي جو چيئرمين آھي عمرڪوٽ جي اين اي 213  تي  پ پ اميدوار نواب محمد يوسف ٽالپر جو پٽ ۽ پي ايس 51 ڪنري جي اميدوار تيمور ٽالپر جو ڀاءُ يونس ٽالپر ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو ميمبر آھي صوبائي تڪ پي ايس 49 پٿورو-سامارو جي اميدوار سيد سردار شاھ جو ڀاءُ سيد سرفراز علي شاھ پڻ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو ميمبر آھي، عمرڪوٽ جي اين اي 213 تي بيٺل پي ٽي آءِ اميدوارلال مالهي جو ڀاءُ ليکراج مالھي پڻ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جو ميمبر آھي، هوڏانهن ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 215 ٿرپارڪر ٽو تي پ پ پ اميدوار ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جو ڀائٽيو ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ميونسپل ڪاميٽي مٺي جو چيئرمين آھي، ننگرپارڪر جي صوبائي تڪ پي ايس 53 تي پ پ اميدوار قاسم سراج سومرو جو ڀاءُ خالد سراج سومرو عمرڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين آھن، جڏهن ته ڇاڇري_ ڏاهلي واري صوبائي تڪ پي ايس 52 تي پ پ اميدوار دوست محمد راهمون جو سئوٽ ممتاز عنايت راهمون ٽائون ڪاميٽي کيمي جو پار جو چيئرمين آھي، هوڏانهن نوشهري فيروز جي پي ايس 32 تي پ پ اميدوار سيد سرفراز شاھ جو پٽ غلام مرتضيٰ شاھ  ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو جو چيئرمين آھي ،پي ايس 33 تي پ پ اميدوار سيد حسن علي شاھ جو ڀاءُ سيد نور محمد شاھ ٽائون ڪاميٽي ڀريا جو چيئرمين آهي

جڏهن ته  پي ايس 34 تي پ پ اميدوار ممتاز چانڊيو جو ڀاءُ سڪندر چانڊيو ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جو چيئرمين آھي، پي ايس 35 تي پ پ اميدوار ضياءُ الحسن لنجار جو ڀاءُ اسسٽنٽ ڪمشنر آھي، ٻئي طرف سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 209 تي پ پ اميدوار شازيه مري جو ڀاءُ اورنگزيب مري ٻيراڻي ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين آهي، جڏهن ته   اين اي 209 تي جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو  جو ڀاءُ مرتضيٰ جوڻيجو ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊو آدم جو چيئرمين،  2 ڀائٽيا عالمگير جوڻيجو سانگهڙ ضلعي ڪائونسل  ۽ انيل گل جوڻيجو ٽنڊو الهيار جا ايڊمنسٽر آهن، قومي تڪ اين اي 210 تي پ پ اميدوار  صلاح الدين جوڻيجو پاڻ ضلعي ڪائونسلر آھي، سندس سئوٽ سجاد جوڻيجو ٽائون ڪاميٽي جٽيا ۽ چاچو مرتضيٰ جوڻيجو ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊو آدم جو چيئرمين آهي صوبائي تڪ پي ايس 41 تي پ پ اميدوار علي حسن هڱورجو پاڻ ضلع ڪائونسل  جو چيئرمين آهي، جڏهن ته  پي ايس 43 تي پ پ اميدوار پارس ڏيرو جو ڀاءُ سانول ڏيرو ۽ سندس 2 سئوٽ وقار ڏيرو ۽ شير محمد ڏيرو ضلعي ڪائونسل جا ميمبر آھن ۔