چونڊن جي وايومنڊل ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل آھي؟

0
161
چونڊن جي وايومنڊل ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل آھي؟

 پاڪستان اندر سياسي تاريخ جي ڪاتبن ھڪ ڀيرو ٻيھر ھڪ چونڊيل وزيرِ اعظم جي مُدي پوري ٿيڻ کانسواءِ حڪومت جو مدو پڄاڻيءَ تي پھچائي ڇڏيو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھن ڀيري پنھنجي انا جي برتري ۽ ھڪ ھٽي کي قائم رکڻ لاءِ ڪنھن چونڊيل وزيرِ اعظم سان گڏ سندس حڪومت جي به تڏا ويڙھ ڪرائي وئي پر ٿلھي ليکي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي جمھوري نظام ۾ چونڊن جي گھرج طور اسيمبلي کان پنجن ورھين جو مدو پورو ڪرايو ويو. ظاھري طور ايئن محسوس ٿئي پيو ته ملڪ ۾ باضابطا طور چونڊن جو ماحول جوڙيو پيو وڃي، جنھن لاءِ اسيمبليون ٽوڙي نگران سيٽ اپ جوڙيو ويو آھي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ويجهي تاريخ دوران حڪومتن جي تبديليءَ جو مدار مرڪز ئي رھيو آھي، جڏھن ته صوبن اندر چونڊن دوران اليڪشن بدران سليڪشن جي بنياد تي اقتدار جي ونڊ ورڇ ٿيندي رھي آھي. گذريل چونڊن کانپوءِ جڙيل سياسي منظرنامي ۾ ڏٺو ويو ته ملڪ جي ٻين صوبن اندر پاڪستان تحريڪِ انصاف پنھنجي جڳھ ٺاھي مسلم ليگ نواز لاءِ رستا سوڙھا ڪيا پر پاڪستان تحريڪِ انصاف سنڌ اندر سياسي صفبندي ۾ ڪو خاطر خواھ مقام وٺڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف اقتدار جو موقعو ملندي ئي جنھن رفتار سان مسلم ليگ نواز خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي، دراصل گذريل 71 ورھين دوران لاڳيتو خراب ٿيل ملڪ جي سياسي نظام ۾ اھڙي سخت تجربي جي سٽ سھڻ جي سگھ ئي نه ھئي، ڇاڪاڻ ته ان دوران خراب ٿيل ملڪي صورتحال جو ذميوار ڀلي سياسي قوتن کي قرار ڏنو وڃي پر سچ اھو آھي ته ان وھندڙ گنگا منجهان ھٿ سمورين قوتن ڌوتا ۽ اھي ان جا اسٽيڪ ھولڊر بڻجي ويا، جنھن ڪري 71 ورھين جي اھڙي منظم، مستحڪم ۽ جٽادار ڳٺجوڙ کي ٽوڙڻ لاءِ ھوريان ھوريان ماحول جوڙي ڪجھ وقت کانپوءِ ڌڪ ھڻڻ بدران جھڙي ريت تحريڪِ انصاف اقتدار ملندي ئي جارحانه اننگز جي شروعات ڪئي، ان جا کين ٻه وڏا نقصان رسيا. ھڪ ته سندن سياست کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي بند گهٽيءَ ۾ پھچائي کين اھو پيغام ڏنو ويو ته جن ھٿن اوھان کي صنم طور تراشيو، اھي اوھان جي ديوتا بڻجڻ کانپوءِ اوھان جي بُتَ کي ڍير به ڪري سگھن ٿا. ساڳئي ئي وقت تحريڪِ انصاف کي ٻيو وڏو نقصان اھو لڳو ته سندن “گڏيل” حريف سياسي رسا ڪشي ۾ کين اھڙي طرح مصروف رکڻ ۾ ڪامياب ويا، جو تحريڪِ انصاف پنجاب ۽ خيبر پختونخوا کانسواءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سياست ته ٺھيو پر مڪمل طور تنظيم سازي کي ئي يقيني نه بڻائي سگهي. نتيجي ۾ ان سموري سياسي منظرنامي جي جيڪڏھن ڪا سياسي جماعت سڀني کان وڌيڪ  Beneficiary  رھي ته اھا پيپلزپارٽي ئي آھي، جنھن کي سنڌ جي حڪمراني لکرائي وٺڻ لاءِ جواز به ملي ويو، تحريڪِ انصاف جي جارحانه پاليسي کان گهڻي ڀاڱي بچيل به رھي ۽ سنڌ ۾ 2018ع کان 10 سال پھريان ٿيندڙ بدترين ڪرپشن، پنھنجا نوازي ۽ ناقص حڪمراني وڌيڪ 5 ورھيه جاري رکڻ لاءِ کليل ميدان به ملي ويو، جنھن منجهان ھو ڀرپور فائدو وٺندا رھيا.

نگران حڪومت جي جوڙ جڪ کانپوءِ ھڪ تاثر اھو به سامھون اچي پيو ته 90 ڏھاڙن ۾ چونڊن جو ٿيڻ ممڪن نه ٿو لڳي. خير، چونڊون ٿين يا نه پر اھا ڳالھ طئه آھي ته سنڌ اندر ھڪ ڀيرو ٻيھر پيپلزپارٽي کي اڇي ڪاري جي مالڪيءَ جا حق ڏيڻ لاءِ ماحول جوڙيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جن قاعدن ۽ ضابطن تحت تحريڪِ انصاف جي سياست کي عبرت جو نشان بڻائيندي اڳواٽ صنم بڻيل سياسي جماعتن کي ھيئين سان ھنڊائڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن، ان فارمولي تحت سنڌ اندر اقتداري ڌارا ۾ پيپلزپارٽيءَ کي حصو پتي ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه ٿو اچي. ان جو ھڪ ڪارڻ اھو به آھي ته پيپلزپارٽي اقتدار جي حصول خاطر ملندڙ ڪنھن به ٽاسڪ تي فرمانبرداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻائيندي، پوءِ اھا سنڌ جي قدرتي وسيلن جي سوديبازي ھجي يا سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائيندي ان ۾ غيرملڪي پناھگيرن کي ترسائڻ جھڙو ڪو عمل پر، پيپلزپارٽي سنڌ جي عوامي مينڊيٽ جي لڄ رکڻ بدران اقتدار سان نوازيندڙ ڌڻين جي مينڊيٽ کي ھر دور ۾ مان ڏيندي رھي آھي. ان سموري سياسي ڊاھ ڊُوھ ۾ سنڌ ھڪ ڀيرو سڀني کان وڌيڪ ڀوڳنائن جي ور چڙهندڙ صوبو بڻجڻ پيو وڃي ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ھن موڙ تي سنڌ جي ماڻھن لاءِ اھو نقطو نھايت ئي تشويشناڪ ھجڻ گهرجي، جنھن مٿان سنجيدگيءَ سان ويچاري فيصلا سازي کانسواءِ سنڌ جو سياسي جمود منجهان نڪرڻ ناممڪن آھي، ڇاڪاڻ ته انجنيئرنگ وسيلي ڪھڙي به ريت سياسي نتيجا تشڪيل ڏنا وڃن پر اھڙين سمورين ڪوششن کان سڀني کان وڌيڪ سگهاري پوءِ به عوامي طاقت آھي. سنڌ جو عوام ھينئر ھوريان ھوريان پنھنجي ان طاقت کي مڃرائي ٿو، جنھن ۾ سماجي ميڊيا جو ڪردار قابلِ تعريف آھي، جنھن آڌار گذريل ڪجھ عرصي دوران سنڌ جو عوام پنھنجي سگھ کي سمجهڻ ۾ خود ڪفيل بڻيو آھي ۽ حيرت انگيز حد تائين سنڌ اندر نه ٿيڻ جوڳيون ڪجھ اڳڀرايون ٿيون آھن، جن ۾ تازو ئي راڻيپور واقعي تي سنڌ جي شعور پاران سگھارو آواز ھڪ مثال طور سامھون آيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر مقدس سمجهيون ويندڙ پيراڻين حويلين جي ھٿراڌو تقدس کي ڀوري ان خلاف ڀرپور مزاحمت سامھون آئي آھي. اھڙا واقعا سنڌ جي عوامي شعور جو امتحان ٿين ٿا ۽ ظاھري طور سنڌ جو شعور ان ۾ سوڀارو ٿيو آھي پر سنڌ جي ان شعور کي عوامي اوطاق جھڙوڪ سماجي ميڊيا تي جھڙي ريت ڳالھائڻ، اظھارڻ يا للڪارڻ جي سگھ ملي آھي، ان کي حقيقي اوطاقن تائين وٺي اچڻ لاءِ ڪنھن سگهاري قيادت جي گهرج آھي، جيڪا سنڌ جي اھڙي شعور کي ھڪ منظم انداز ۾ بھتر رخ جو تعين ڪرائي ان طاقت کي ووٽ وسيلي عملي طور فعال بڻائي بھتر نتيجا حاصل ڪري سگهي.

تاريخ اھڙا موقعا ھميشه ناھي ڏيندي، جھڙا موقعا موجوده وقت ۾ سماجي ميڊيا آڌار سنڌ ۾ پيدا ٿيا آھن. سنڌ جي شعور کي رھنمائي جي گهرج موجود آھي ۽ چونڊن جي چوٻولن واري وايومنڊل ۾ ھن ڀيري اھڙو موقعو سنڌ جي ماڻھن لاءِ پنھنجي تقدير بدلائڻ لاءِ ھڪ بھترين catalyst ثابت ٿي سگهي ٿو. جڏھن سنڌ اندر گذريل 15 ورھين کان لاڳيتو حڪمراني ڪندڙ وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، ميرن ۽ پيرن کي طاقت جو سرچشمو سمجهندڙ پيپلزپارٽي اندر پنھنجن چونڊيل نمائندن جي احتساب جي روايت جي عدم موجودگيءَ ڪارڻ سخت نفرت سامھون آئي آھي ۽ عوام سماجي ميڊيا وسيلي ان نفرت جو نه رڳو اظھار ڪري ٿو پر حڪومتن کي پڻ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿو. ان سموري وارتا دوران پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ عوام جي ان طاقت کي سمجهندي پنھنجي سياست جو رخ عوام دوست بڻائڻ ۾ ناڪام رھي آھي، جڏھن ته سنڌ جي عوام ۾ پيپلزپارٽي جي ناڪامين متعلق پلجندڙ مزاحمتي سوچ ھڪ باشعور قيادت جي انتظار ۾ ويٺل آھي، جيڪا ان جي ڪمان سنڀاليندي ان کي بھتر رخ ۾ وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ ھجي. ان ڏس ۾ سنڌ اندر موجوده وقت تي رڳو ٻه آپشن موجود آھن. يا ته سنڌ جو عوام پنھنجي ان سوچ جي ثابت قدميءَ سان پالنا ڪري ھڙان وڙان ڀوتارڪي ڳٺجوڙ خلاف ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪري پئي، جيڪو ممڪنات جي سرحدن کان ڏورانھون ڏَسُ محسوس ٿئي پيو، ڇاڪاڻ ته سماجي ميڊيا وسيلي نظر ايندڙ جذبو اڃا ايترو بالغ ناھي ته اھو حقيقي طور پنھنجا پير مضبوطيءَ سان جهلي سگهي. ان ڪري ٻئي آپشن تحت سنڌ جي قومپرست جماعتن کي سوچي سمجهي سنڌ جي اھڙي مزاحمتي جذبي کي رخ ڏئي عوام اندر نڪرڻو پوندو ۽ چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ خلاف ڀرپور انداز ۾ اميدوار بيھاري مقابلو ڪرڻو پوندو، جنھن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻيو نه ته سنڌ جو 30 سيڪڙو مينڊيٽ سنڌ دوست ڌرين ڏانھن وڃي، تڏھن به اھا تمام بھترين شروعات ھوندي.