اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن موجب عمران خان وزيراعظم جي ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ سان ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ ملاقات ٿي، عمران خان جيل سپرنٽينڊنگ جي رويي تي ناراض هو، هفتي ۾ هڪ ڀيرو فيملي سان ملڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، هن چيو ته باني پي ٽي آءِ بلڪل واضح آهي ته ڪنهن قسم جي ڊيل نه ڪندس، باني پي ٽي آءِ جو چوڻ هو ته ميرٽ تي جيل مان ٻاهر ايندس، باني پي ٽي آءِ چيو ته مينڊيٽ چورن سان ڪنهن قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ کي عمران خان رد ڪري ڇڏيو.