نئون ديرو(ن پ ا) اسپيشل ايجوڪيشن بابت وڏي وزير جي خاص معاون صادق علي ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه فيڊريشن تي يقين رکيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ چيو ويندو آهي ته چارون صوبون ڪي زنجير بينظير بينظير، پر موجوده صورتحال ۾ وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي واٽر ڪارڊ توڙي اين ايف سي جي معاملي تي ٻه اکيائي ڪري رهيو آهي. سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير جيڪي صوبي متعلق خدشا اٿاري ٿو اهي دور نٿا ڪيا وڃن ۽ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي ٿي وڃي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ بجاءِ ان کي کولي سنڌ ۾ هٿرادو پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سبب سنڌ جا لکين آبادگار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. وڏي وزير جو خاص معاون ٿيڻ بعد صادق ميمڻ پ پ اڳواڻ شفقت سومرو سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت عدالتي فيصلن جي غلط تشريح ڪري ملڪ جي ماڻهن کي جنهن طريقي سان بيروزگار ڪري رهيا آهن، اهو افسوس جوڳو عمل آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هميشه حڪومت جي اهڙن غلط فيصلن تي آواز اٿاريندو رهندو آهي ته غلط فيصلا ڪري صوبن ۾ احساس محرومي پيدا نه ڪئي وڃي.