چاهت فتح پاران ” بَدو بَدِي “ پارٽ ٽُو رليز ڪرڻ جو اعلان

0
39

لاهور (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي مشھوري ماڻيندڙ راڳي چاهت فتح علي خان ”بدو بدي ٽو“ گانو جلد رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چاهت فتح علي خان ملڪه ترنم نورجهان جي مشهور پنجابي گيت ” اک لڙي بدو بدي “ جو ري ميڪ ٺاهيو هو، 28 ملين ويوز حاصل ڪندڙ ان گاني کي يوٽيوب ڪاپي رائيٽ قانون جي ڀڃڪڙي سبب ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو

پر هاڻ گلوڪار جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن ” بدوبدي 2 “ گانو رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چاهت فتح علي خان وڊيو ڪلپ ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ سريلنڪا ۾ پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته کوڙ سارا پروجيڪٽ رليز ٿيڻ وارا آهن ۽ يوٽيوب چئنل لاءِ هڪ فلم ” سبق “ پڻ ٺاهي رهيو آهيان

هن وڌيڪ چيو ته ڇهه گيت رليز ڪيا ويندا جڏهن ته بدو بدي ٽو گانو به جلد اچي رهيو آهي ۽ گيت ۾ خوبصورت ۽ نيون ماڊلز پڻ ڪم ڪنديون