چانگي جو چوٻول ٿيو چوڏس ۽ چوڌار … سارنگ وساڻ سانگهڙ مان لکي ٿو

0
18
چانگي جو چوٻول ٿيو چوڏس ۽ چوڌار ... سارنگ وساڻ سانگهڙ مان لکي ٿو

سانگھڙ ويجھو جنھن علائقي ۾ اٺ سان جيڪو انتھائي وحشت وارو سلوڪ ڪيو ويو، اھو علائقو تاريخي طور مالوند ماڻھن جو علائقو آھي. ھڪ پاسي نارو، ٻئي پاسي مکي ٻيلو ۽ سامھون اڇڙي ٿر جو مھراڻو، صدين کان وٺي اھي علائقا مالوند ماڻھن جا ٿاڪ رھيا آھن. ھن علائقي ۾ انساني آباديءَ جي ابتدا به ڀاڳين ئي ڪئي آھي. انگريزن ايندي ئي ھن علائقي جي پاڻين جي وھڪرن کي موجوده جديد آبپاشي جي شڪل ڏني، پاڻيءَ کي پنھنجي ڪنٽرول رکڻ لاءِ ريگيوليٽر ۽ ڪينال قائم ڪيا. 1890ع ۾ منڍ جمڙائو ريگيوليٽر جو افتتاح ان وقت جي بمبئي جي گورنر ڪيو ھو. پھرين حر تحريڪ کان ھي علائقو جنگي علائقي ۾ تبديل ٿي ويو. ھتي انگريزن سان مزاحمت تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي. اھا به مکي جي ماڻھن تي پن چري ٽيڪس مڙھڻ سان ٿي ھئي. انگريزن 1862 کان پوءِ ٿاڻا قائم ڪري جيڪا پنھنجي عملداري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، اھا پھرين مرحلي ۾ مکي ۾ تاريخي طور ناڪام وئي ھئي. ان جا ڪارڻ به ھي مکيءَ جا مالوند ماڻھو ھئا. بچو بادشاھ جي سربراھيءَ ۾ ٻارھن بھروٽين جي سانگھڙ سرڪار قائم ٿي ھئي. انگريزن سانگھڙ جي مالوند ماڻھن تي پن چريءَ جو ٽيڪس مڙھيو ھو، جنھن جو ذڪر پاڻ مٿي ڪري آيا آھيون. ان تي ماڻھن ۾ شديد ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جي لھر اُٿي ھئي ته ھي ملڪ اسان جو، علائقا اسان جا، ھي انگريز ڪير ٿيندو آھي پن چريءَ جو ٽيڪس مڙھڻ وارو! بھرحال اھو تاريخ ۾ رقم ٿي ويو ته انگريزن کي سئو سالن تائين مکي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪڏھن به مڪمل ڪنٽرول حاصل نه ٿي سگھيو. سئو سالن ۾ انگريزن کي ٻه ڀيرا ھتي مارشلا مڙھڻي پئي. مکي ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي نوگو ايريا بڻائڻو پيو. ھوائي جھازن جي ذريعي بمباري ڪري مکي کي ساڙيو ويو. جڏھن پاڪستان آزاد ٿيو تڏھن به حُرن کي لوڙھن ۾ رکيو ويو. 1952ع ۾ جڏھن حرن تان لوڙھا لاٿا ويا، تڏھن گھڻن مکي جي مالوند ماڻھن کي ماڻھن چيو ته اوھان ھاڻ ايڏانھن ڇا لاءِ ٿا وڃو! اُتي نه ھاڻ ٻنيون رھيون، نه علائقو اوھان جو رھيو اوھان لاء اتي ڇا رھيو آھي. ماڻھو ٻيا اچي آباد ٿيا آھن، بھتر آھي ته ھتي ئي رھي پئو. ڪا مزدوري ڪريو، پر ھنن تاريخي جواب ڏنو ته اسان وڻن جا پن کائينداسين پر پنھنجو اباڻو علائقو نه ڇڏينداسين. پوءِ دنيا ڏٺو ته چالين سالن تائين اھي ماڻھو سانگھڙ جي ٻين علائقن کان خوشحال ٿي ويا.

مال جي ڌڻن سان سنگھارن جي زندگي آسان پئي گذري ته مٿن ھڪ ٻئي مصيبت وڄ جيان ڪڙڪي، جنھن جو مقابلو ھي نه ڪري سگھيا. واعدن جي رڻ ۾ رولي ھنن مالوندن کي دربدر ڪيو ويو، ان جو نتيجو اھو نڪتو ته کانئن چراگاھ ويا، چؤڌاري زمينون کڻتون ٿي ويون، بااثر ماڻھن جي اندر جي لالچ وڌندي وئي. بيوروڪريسي ۽ ڪرسي گڏجي اتان جي ماڻھن سان ڪِيس ڪيا. ھڪڙيون زمينون ته فوجي الاٽمينٽ ۾ اچي ويون ھيون، باقي به ھزارين ايڪڙ اڻ سروي زميون ڪوڙن کاتن تي کڻي قبضا ڪري نوان دولتيا متعارف ڪرايا ويا، جن جي دلين ۾ پئسي جو حرص ۽ طاقت جي بي دريغ استعمال بچيل سموريون زمينون قبضن ھيٺ اچي ويون. مالوند ماڻھن لاءِ چراگاھ نه بچيا. جيڪڏھن اھڙي فطري ماحول جي لاءِ ٽي چار ديھون چراگاھن لاءِ رکيون وڃن ھا ته شايد اڄ اھڙا ڏينھن ڏسڻا نه پون ھا.

اوھان کي شايد حيرت ٿيندي ته ھي مالوند ماڻھو جانور کي “ڀٽارو” چوندا آھن. شاھ لطيف اُٺ کي به عزت ۽ احترام طور ڀٽارو سڏيو آھي. “ڀٽاري  ڀاڻو، مرندي سينءَ نه مٽيو”. ھتان جا مالوند ماڻھو ھڪ ٻئي کي ساک ڏيڻ لاءِ ڪنھن مقدس جاءِ يا پاڪ نالي جي ساک نه کڻن. اھي سائو گاھ پٽي مٿي تي رکن ۽ ساک ڏين ته “ھن سائي جو قسم”! ته اڳيون فوري طور مڃيو وڃي. مال ۾ مينھن يا ڳئون يا کير ڏيندڙ جانور کي “امان امان” ڪري چون. جانور کي لٺ ھڻڻ يا ايذاءُ ڏيڻ جو تصور به نه آھي.

گذريل ڏينهن جڏھن ايس ايس پي سانگھڙ پريس ڪانفرس ۾ چيو ته ھي اٺ جو مالڪ سانگھڙ ضلعي جو رھواسي نه آھي، ھي خيرپور جي حدن جو رھائشي آھي ته ان ڀاڳئي جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. چئي، ھي اسان جا اباڻا پڊ آھن، ھي سرڪاري ليڪا نه اسان کي سمجھ ۾ اچن، نه اسان جي مال ڀٽاري کي. اسان صدين کان وٺي ھتي رھون پيا. اسان جا ڀاڻا، اسان جا ٿاڪ، اسان جي ابن ڏاڏن جون ھڏيون ھن واريءَ ۾ ڀُري واري ٿيل آھن.

اُٺ واقعي تي گھڻو ڪجھ لکجي چڪو آھي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ان واقعي جي مذمت ڪري ڏُک جو اظھار ڪيو ويو آھي پر اسان جي بيوروڪريسي ۽ وقت جي حاڪمن کي ذري برابر به احساس نه ٿيو. ھڪ معمولي بااثر جي نالي اچڻ سان سڄي ضلعي جي پوليس ۾، آفيسر شاھي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ته ان نالي کي ڪيئن بچائجي. پريس ڪانفرنس ۾ ھڪ صحافي جڏھن ايس ايس پي سانگھڙ کان سوال ڪيو ته ايف آئي آر جيڪا سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي آھي، ان ۾ ڏيکاريل آھي ته اٺ زخمي حالت ۾ غلام رسول شر جي زمين لڳ پيل هو. اوھان چئو پيا ته اھا زمين ڪنھن اسي سالن جي پيرسن جي آھي، جيڪو به اسپتال ۾ داخل آھي ته ايس ايس پي ڪو جواب نه ڏئي سگھيو. ايف آئي آر ۾ ڄاڻايل آھي ته اُٺ جي اڳئين کاٻي ٽَنگ ڪٽيل آھي، جڏھن ته ٽَنگ ساڄي ڪٽيل آھي. اھو سوال به اٿاريو ويو، جنھن تي ايس ايس پي جو چوڻ ھو ته ڪو فرق نه ٿو پوي، پر ڪورٽ ۾ انھن سڀني معاملن جو فائدو جوابدارن کي ٿيڻ جا امڪان آھن. ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ متاثر ڀاڳين ٽائيم نيوز جي اينڪر پرسن سان ڳالھائيندي پوليس جي سمورين دعوائن کي رد ڪيو ته ان وڏيري جي ئي زمين آھي، جنھن جو نالو سوشل ميڊيا تي ھلي رھيو آھي. غلام رسول شر جي ئي زمين آھي، ان تي ڪو مقاطعو نه آھي. زمين تي راکو آھي جعفر پنجابي آهي، جن اھو قدم کنيو ھو. اسان ان وڏيري وٽ دانھن به کڻي وياسين پر اسان جي دانھن نه ٻڌي، ھن وقت تائين پوليس جي ڪارروائي ضلعي انتظاميا جي ڪارروائي مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته سندن اصل مقصد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اهو آهي ته وڏيري کي ڪيئن بچائجي. متاثر ڀاڳين مطالبو ڪيو آھي  ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي. بي زبان جانور کي ايذاءُ رسائيندڙن ۽ انھن جي سھولت ڪارن کي سزا ڏيڻ گھرجي.