ڄنگهن کان محروم نوجوان هٿن سان 20 ميٽر فاصلو طئي ڪري رڪارڊ جوڙي ورتو

0
203

اوهايو(دلچسپ نيوز) ڄنگهن کان محروم نوجوان هٿن سان 20 ميٽر فاصلو طئي ڪري رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست اوهايو جي شهر ميسيلون ۾ 24 ورهين جي زيون ڪلارڪ 4.78 سيڪنڊن ۾ اهو فاصلو طئي ڪيو، مقابلي ۾ ڪاميابي بعد گنيز بڪ انتظاميا به کيس مڃي ورتو ۽ پنهنجي 2022 واري ايڊيشن ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

نوجوان زيون ڪلارڪ پيدائشي طور ٻنهي ڄنگهن کان محروم هجڻ سبب زندگي ۾ تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏئي چڪو آهي، والدا به جنم ڏيڻ بعد اپاهج هجڻ ڪري کيس اسپتال ۾ ئي ڇڏي وئي، جنهن بعد 16 سالن تائين يتيم هجڻ سبب هو مختلف گهرن ۾ پلجندو رهيو، 2013ع ۾ ڪمبرلي هاڪنز نالي هڪ عورت کي رحم اچي ويو ۽ زيون کي هميشه لاءِ پنهنجو پٽ بڻائي پاڻ سان گڏ رکيو. عالمي رڪارڊ جوڙڻ بعد زيون ڪلارڪ جو چوڻ هو ته ڄنگهن جي محرومي کي هڪ پاسي رکي سڀ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. هن چيو ته مون اداڪاري ڪئي،  باڊي بلڊنگ جي به ڪيترن ئي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪو آهيان جڏهن ته ريسلنگ ۾ پڻ مهارت حاصل ڪري دنيا کي ڏيکاريو ته آئون به هر اهو ڪم ڪري سگهان ٿو جيڪو تندرست ۽ نارمل ماڻهو ڪري سگهن ٿا.