ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ محبت خان رند ۾ چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب ٻن پورھيتن حاڪم رند ۽ عبدالله رند جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل کٽون، بسترا، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ نه پھتي، بعد ۾ ڳوٺاڻن  پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش ڪري باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو،