ڄام صاحب ( رپورٽ: بشيراحمد شر ) ڄام صاحب، لڳ پنجتني مئخاني تي جشن عيد غدير جي سلسلي ۾ صوفياڻي محفل منقعد ڪئي ويئي، صوفي محفل ۾ فنڪار بشيراحمد چانڊيو ، مولائي معشوق علي ، شھزاد علي ڀنگوار ، امداد علي مري ۽ ڄام معشوق شر سرن جي ورکا ڪري محفل ۾ ويٺل ماڻھن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو۽ محفل ۾ ويٺلن کي نچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ميرمحمد زرداري گهاگهر ( گهڙو ) وڄائي من موهي ڇڏيو ، صوفياڻي محفل رچائيندڙ فقير عبدالرحيم شريفي چيو ته صوفي محفل روح جي راحت آھي ۽ حقيقي دلي سڪون ملي ٿو ، هرسال جيان هن سال به جشن عيد غدير جي پروگرام ۾ ڀلوڙ راڳين پنهنجي فن جو مظاھرو ڪري دل خوش ڪري ڇڏي آھن صوفي محفلن ۾ به حقيقت آھي ۽ حق سچ جي پرچار ڪئي وڃي ٿي، گهاگهر وڃائيندڙ ميرمحمد زرداري ٻڌايو ته مان پنهنجي چاچي مٺاخان زرداري کان فن جي سکيا ورتي هئي ۽ ھي مٽي جو دلو وڄائڻ ڏکيو آھي پر استاد جي دعا سان هر محفل ۾ گهڙو وڄائڻ سان استاد جو نالو روشن ڪندو آھيان ، صوفياڻي محفل ۾ عبدالجبار رئيساڻي ، شمن علي لنڊ،  نجف علي جويو، محمد مٺل بروهي سميت  ٻين وڏي تعداد ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي.