ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشورو منشيات اسڪينڊل ۾ راهپوٽو کي بچائڻ جا جتن، نثار ڀٽي سي آءِ اي انچارج ڄاڻائي گرفتار، ڪراچي پوليس حوالي، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سي آءِ اي پوليس ڄامشورو جي موبائيل مان چرس هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گهربل 3 جوابدار هٿ اچي نه سگهيا آهن، جڏهن ته هڪ جوابدار نثار ڀٽي جنهن کي سي آءِ اي ڄامشورو جو انچارج ظاهر ڪيو پيو وڃي، تنهن کي ڄامشورو پوليس پاران گرفتار ڪري ڪراچي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هن کان اڳ سرور راهپوٽو کي سي آءِ اي ڄامشورو جي انچارج طور ظاهر ڪيو پئي ويو پر ڪراچي ۾ سي آءِ اي ڄامشورو جي موبائيل مان 76 ڪلو چرس هٿ اچڻ واري اسڪينڊل کان پوءِ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته آفيشلي سرور راهپوٽو نه پر انسپيڪٽر نثار ڀٽي انچارج مقرر ٿيل هو، جڏهن ته سرور راهپوٽو پوليس لائين ڄامشورو ۾ لائين آفيسر طور مقري ٿيل آهي، ذريعن موجب نثار ڀٽي نالي ماتر ۽ ڪاغذي طور انچارج بڻيل هو، جڏهن ته سي آءِ سينٽر جا سمورا معاملا وڏو منشي اصغر پنهور جيڪو بااثر ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو اهو هلائيندو هو، هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ جي نگراني ۾ جوابدارن جي گهرن تي ڇاپن هڻڻ جو سلسلو جاري آهي، ايس ايس پي جي نگراني ۾ وڏي منشي اصغر پنهور جي گهر تي ٽيون ڀيرو ڇاپو هنيو ويو، اهڙي تصديق ايس يس پي پاران ڪئي وئي، اصغر پنهور جي گهر تي لڳل ڇاپي دوران ليڊيز پوليس به شامل هئي، جن گهر جي سامان جي تلاشي ورتي، جڏهن ته ننڍي منشي جبار سولنگي جي گرفتاري لاءِ پڻ سندس گهر تي ڇاپا هنيا ويا، ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ آهي ته سي آءِ اي انچارج نثار ڀٽي کي گرفتار ڪري ڪراچي پوليس حوالي ڪري باقي جوابدارن جي ڳولها جاري آهي، ايف آءِ آر ۾ گهربل سرور راهپوٽي، اصغر پنهور ۽ عبدالجبار سولنگي جي ڳولها لاءِ آئون پاڻ ڇاپا هڻي رهيو آهيان، جاويد بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2005 کان سموري ضلعي جو رڪارڊ گهرايو ويو آهي، سي آءِ جي ٿيل سمورين ڪاررواين بابت معلومات گڏ ڪري رهيا آهيون ته 16 سالن ۾ سي آءِ اي ڪيتريون ڪارروايون ڪري ڪيترو ۽ ڪهڙو سامان هٿ ڪيو آهي. ايس ايس پي موجب جاچ ڪاميٽي کي گهربل رڪارڊ مهيا ڪرڻ لاءِ سڄي ضلعي جي وڏن منشين کي رڪارڊ سميت گهرايو آهي، جن کان معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.