ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ سلينڊر واقعي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو  حيدرآباد اسپتال ۾فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي  5 ٿي ويو  آهي، جڏهن ته ٻن زخمين جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي،  حيدرآباد واسي 40 ورهين جو بريميلا پٽ پارو لعل 10 ڏينهن اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ بعد زندگي جي جنگ هارائي ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي  ڳوٺ لالو لاشاري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي،  جڏهن ته وڌيڪ ٻن زخمي ڀائرن نادر علي ۽ عابد علي گهلو جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج جاري آهي، ياد رهي ته  سلينڊر واقعي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن مان هن وقت تائين 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.